تقليد

تمام مومنن جي لاءِ ڪوچ ڪرڻ ته مناسب ناهي ، مگر ائين ڇو نٿا ڪن جو هر گروهه مان هڪ جماعت ڪوچ ڪري ته  جيئن دين جو علم حاصل ڪري ۽ واپس پنهنجي وطن وڃي  ڪري پنهنجي عالائقي جي واسين کي خبردار ڪري تاڪه هي ماڻهون ڊڄن (  توبه آيت 122)

پيغمبر خدا حَضرت ﷴ ص جن جي قلب مبارڪ تي نازل ٿيڻ وارو مبارڪ ڪتاب قرآن مجيد هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ هر هڪ شي جو ذڪر موجود آهي چاهي اها گذريل زماني سان واسطو رکندي هجي چاهي حال سان چاهي ايندڙ سان ، انهن سڀني جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي ، خود قرآن به دعوى ڪئي آهي ته : ڪائنات ۾ ڪابه اهڙي شي نه آهي جنهن جو ذڪر (هن) روشن ڪتاب ۾ نه هجي ( سورة انعام 59) لهذا جنهن مقدس ڪتاب ۾ هر هڪ شي جو ذڪر آهي اه ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ تقليد جهڙي اهم مسئلي جي باري ۾ ڪا آيت نازل نه ٿي هجي ، يا ان مسئلي جي طرف ڪو اشارو نه ٿيو هجي جيڪڏهن اسان قرآن جو غور سان مطالعو ڪنداسين  ته اسان لاءِ واضح ٿي ويندو ته جنهن قرآن ۾ هر هڪ شي جو ذڪر آهي انهي قرآن ۾ تقليد جو ذڪر به موجود آهي

سورة  توبة جي هن وما کان المومنون ... واضح طور تي صاحبان علم وعمل جي پيروي تقليد جو حڪم ڏئي رهي آهي

تقليد جي اصطلاحي معنى

تقليد يعني  ڪنهن ٻئي جي قول (راءِ) کي اختيار ڪرڻ ، ۽ فروعي مسئلن ۾ ان تي عمل ڪرڻ ۽ اهو عمل تعبدا هوندو بغير ان جي ته عمل ڪرڻ وارو ڪنهن دليل جو مطالبو ڪري

تقليد جي ضرورت

اگر هڪ غير متخصص ( فن ۾ مهارت نه رکندڙ) انسان ڪنهن مهارت رکندڙ جي طرف رجوع ڪري ته ان کي تقليد چئبو  اهو ان جيڪري آهي ته انسان مختلف صلاحيتن ۽ معلومات منجهان هڪ ٻئي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا ، ڇو جو انسان جي اجتماعي زندگي ۾ ڪمال ۽ ترقي جي طرف هڪ عمومي حرڪت هوندي اهي اگر مهارت ۽ تقليد نه هجي بلڪه هر انسان هر شعبي ۾ مداخلت ڪري ته معاشرو اختلاف جو شڪار ٿي ويندوامام صادق  فرمائن ٿا : اهو انسان جيڪو بغير ڄاڻ جي ڪو عمل انجام ڏي ، ان وانگر آهي جيڪو بغير ڪنهن مقصد جي ڪنهن رستي تي هلي رهي هيو هجي اهو شخص جيتري به ڪوشش ڪندو ڪنهن نتيجي تائين ڪونه پهچندو بلڪي هو مقصد کان پري ٿيندو ويندو(اصول ڪافي ج1 ص102)

بس انتيجو اهو نڪتو ته جڏهن به تقليد ، بغير معرفت جيهوندي ته اها بيڪار ۽ انڌي هوندي اسلامي مسئلن جو سکڻ هر مومن تي واجب آهي تاڪي ڪنهن مسئلي جي نه ڄاڻڻ
جيڪري حرام ۾ هٿ نه وجهي جنهن مجتهد جي تقليد ڪجي ان ۾ هيٺين شرطن جو هجڻ
ضروري آهي

 

1 عادل هجي                       2 زنده هجي

3  مرد هجي                        4 بالغ هجي اعلم هجي

5زنده هجي                         6 اثنا عشري شيعو هجي

*عادل : ان کي چوندا آهن جيڪو تقوى جي اهڙي رتبي تي پڄي وڃي جو واجبات کي انجام ڏئي ۽ گناهن کان پري هجي

* اعلم : اهو آهي جيڪو قرآن مان  ۽ روايات مان احڪام جي استخراج ۾ ٻئي مجتهد کان وڌيڪ ماهر هجي

مجتهد ۽ اعلم  کي سڃاڻڻ جا طريقا

1 انسان کي يقين ٿي وڃي جيئن هڪ اهل علم ماڻهو سمجهي وڃي ته فلاڻو مجتهد ۽ اعلم آهي

2 ٻه عادل گواهي ڏين ته فلاڻو عالم مجتهد آهي
3 هڪ گروهه  چوي ته فلاڻو عالم مجتهد ۽ اعلم آهي ۽ان گروهه جي گواهي تي انسان کي اطمينان ٿي وڃي

مجتهد جي فتوى حاصل ڪرڻ جا طريقا

  1.  خود مجتتهد کان ٻڌڻ 
  1.  ٻن عادل شخصن کان يا هڪ عادل کان هو سچار يا اطمينان جو ڳي ماڻهو کان فتوى ٻڌڻ
    مجتهد جو توضيح المسائل پڙهڻ  

*جيڪڏهن ڪنهن مجتهد ڪنهن شي جي باري فتوى  نه ڏني هجي ته ان مسئلي ۾ ڪنهن ٻئي مجتهد جي تقليد ڪري سگهجي ٿي ۽ احتياط واجب جي مطابق اهو مجتهد جنهن ڏانهن رجوع ڪري ٿو اهو  ٻين مجتهدن کان اعلم  هجي
* جيڪڏهن ڪنهن مجتهد جو ڪنهن شي جي باري فتوى  تبديل ٿي وئي آهي  ته مقلد کي گهرجي ته ان جي نئين فتوى  تي عمل ڪري ان کان پهرين فتوى تي عمل ڪرڻ جائز نه آهي

*اهي مسئلا جن سان انسان وابسطارهي ٿو انهن جو سکڻ واجب آهي

مڪلف ڪنهن کي چئبو آهي

 عاقل ، بالغ “ ماڻهو مڪلف آهن .يعني انهن تي دين جا  احڪام واجب آهن ان جيڪري نابالغ ، چريو مڪلف نه آهي

بالغ  ٿيڻ جون نشانيون

 مرد جي عمر جڏهن 15 سال ٿي وڃي ۽ جڏهن عورت جي عمر 9 سال اسلامي مهيني مطابق ٿي وڃي
مني جو خارج ٿيڻ
دن جي هيٺيان يا شرمگاه جي مٿان سخت وارن جو ڦٽڻ

+ نوشته شده در  2012/1/2ساعت 14:40  توسط ALIWAHEED SAJDI halepoto  |