|
نالو : علي بن موسى رضا عليه السلام
ڪنيت : ابوالحسن ثاني
القاب : رضا ،صادق ،صابر ، فاضل ، رضي ، وفي ،ولي ،ضامن، غريب ،نور الهدى ، غياث المستغيثين ، قرة عين المومنين ، غيظ الملحدينسندن سڀ کان مشهور لقب رضا آهي امام عليه السلام جي ان لقب جي باري ۾ مختلف قول آهن.
ابن
بابويه بزنطي کان روايت ڪري ٿو ته مون امام محمد تقي عليه السلام جي خدمت ۾
عرض ڪيو ته توهان جي مخالفن مان هڪ گروه جو هي گمان آهي ته توهان جي والد بزرگوارکي مامون رضا جو لقب ڏنو آهي جڏهن ته کين پنهنجي ولي عهدي جي لاءِ به منتخب
ڪيو هئائين پاڻ فرمايائون : خدا جو قسم اهي ماڻهو ڪوڙڳالهائين ٿا بلڪ هن
جي رضا لقب هجڻ جو سبب اهو آهي ته آسمان تي خدا جي نزديڪ پسنديده آهي ۽
زمين تي رسول خدا ۽ ائمه هدى هن کان راضي آهن ۽ انهن مولا کي امامت جي لاءِ
منتخب ۽ پسند ڪيو
مون عرض ڪيو : اوهان جا سڀ ابا ۽ ڏاڏا خدا وٽ محبوب ۽ پسنديده هئا پاڻ فرمايائون ته : ها پوءِ مون عرض ڪيو ته پوءِ ڪهڙي سبب جي ڪري فقط توهان جي والد محترم کي هن لقب سان نوازيو ويو ته پاڻ فرمايائون : ان سبب جي ڪري جو سندن دشمن ۽ مخالف به اهڙي طرح سان کين پسند ڪندا هئا جهڙي طرح هن
جا دوست ۽ چاهڻ وارا هن کان راضي هئا ۽ دوست ۽ دشمن کانئن راضي هجڻ تي
متفق آهن انهي جي ڪري امام عليه السلام انهي لقب سان مخصوص قرار ڏنا ويا
ولادت باسعادت
ماه ذيقعده 148ھ جي يارهين تاريخ هئي جڏهن مدينه منوره ۾ پيغمبر اسلام صلى الله عليه وآله وسلم جي هن اٺين وارث جي ولادت با سعادت ٿي
والد گرامي : سندن والد گرامي حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جن آهن
والده گرامي : تڪتم ، نجمه ۽ ام البنين جي نالي سان ياد ڪيون وڃن ٿيون
سندن امامت تي دليلون :
1
. محمد ابن اسحاق بن عمار لکي ٿو مون امام موسى ڪاظم عليه السلام جي خدمت ۾
عرض ڪيوته: ڇا توهان پنهنجي جانشين جي باري ۾منهنجي رهنمائي فرمائيندو ته
جيئن ( آينده ) آءُ پنهنجي دين جي سلسلي ۾ ان ڏانهن رجوع ڪيان پاڻ
فرمايائون : ته منهنجو هي پٽ علي رضا آهي ، هڪ دفعو منهنجي والد گرامي
مونکي پاڻ سان گڏ رسول اڪرم جي قبر اطهر تي وٺي ويا ۽ فرمايائون ته اي
فرزند : خداوند عالم فرمائي ٿو : انّي جاعلک للناس اماما ( بيشڪ آئون توکي
ماڻهن جو امام قرارڏيڻ وارو آهيان ) ۽ خدا جيڪوواعدو ڪندو آهي ته انهي کي
پورو ڪندو آهي
2
. علي بن يقطين بيان ڪري ٿو ته آءُ عبد صالح ( امام موسى ڪاظم عليه السلام
) جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته پاڻ فرمايائون : اي علي بن يقطين هي علي منهنجي
اولاد جو سيد ۽ سردار آهي مان پنهنجي ڪنيت هن کي عطا ڪئ آهي .
امام عليه السلام جون ڪجھ فضيلتون:
عالم آل محمد : شيخ طبرسي
ابو صلت کان روايت ڪئي آهي ته هو چوي ٿو ته مون علي بن موسى رضا کان وڌيڪ
عالم ناهي ڏٺو ۽ جنهن عالم به کين ڏٺو آهي ته انهي مون وانگر ان ڳالھ جي
گواهي ڏني آهي ، ۽ ان جي حقيقت ان وقت ظاهر ٿي جڏهن مامون چند مجلسن ۾ مختلف مذهبن جي علماء فقيهن ۽ متڪلمين کي جمع ڪيو تاڪه اهي امام سان مناظرو ۽ بحث ڪن ۽ جڏهن امام انهن سڀني تي سوڀ حاصل ڪئي سڀني امام جي فضيلت ۽ پنهنجي ڪوتاهي جو اقرار ڪيو مون امام عليه السلام کان ٻڌو ته پاڻ فرمائيندا هيا ته آءُ نبي ڪريم جي روزي ۾
ويهي رهندو هيس ۽ مديني ۾ جڏهن علماء ڪنهن مسئلي جي حل کان عاجز ٿيندا هيا
ته منهنجي طرف رجوع ڪندا هيا ۽ آءُ انهن کي جواب ڏيندو هيس امام علي رضا
عليه السلام جي زندگي گذارڻ جي باري ۾ شيخ صدوق ابراهيم بن عباس کان نقل
ڪري ٿو ته امام کي ڪڏهن ڪنهن سان تيز ڳالهائيندي نه ڏٺو ويو ۽ پاڻ ڪڏهن
ڪنهن جي ڳالھ کي نه ڪٽيائون
معاشري جي متعلق مولا جون نمايان صفتون هن ريت آهن:
· هرشخص جي حاجت کي پورو ڪرڻ سندن فرض هو
· ڪنهن جي طرف پير ڪري نه ويهندا هيا
· ڪنهن جي سامهون ٽيڪ لڳائي نه ويهندا هيا
· غلامن سان ڪڏهن به سختي سان نه ڳالهائندا هيا
· بلند آوازسان کلندا نه هيا
· دستر خوان تي تمام نوڪرن ۽ غلامن سان گڏجي کاڌو کائيندا هيا
· رات جو گهٽ سمهندا هيا ۽ گهڻو ڪري سڄي رات جاڳندا هيا
· هر مهيني جي پهرين ۽ آخري خميس ۽ وچين اربع تي روزا رکندا هيا
· رات جي اونداهي ۾ فقيرن ۽ محتاجن کي صدقو ۽ خيرات ڏيندا هيا
· پاڻ
هر ٽئين ڏينهن قرآن شريف جو ختم ڪندا هيا ۽ فرمائيندا هيا ته اگر چاهيان
ته ٽن ڏينهن کان گهٽ وقت ۾ به قرآن ختم ڪري سگهان ٿو ليڪن آئون جڏهن به
ڪنهن آيت کان گذرندو آهيان ته ان ۾ غور ۽ فڪر ڪندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان
ته هي آيت ڪنهن جي متعلق نازل ٿي آهي ۽ ڪنهن وقت نازل ٿي هئي ان ڪري ٽن
ڏينهن ۾ هڪ قرآن ختم ڪندو آهيان
· سڀني
واجب نمازن ۾ پهرين رڪعت ۾ سوره الحمد ۽ ان کان پوءِ سوره قدر ۽ ٻئ رڪعت ۾
سوره الحمد ۽ ان کان پوءِ سوره توحيد پڙهندا هيا مگر جمعه جي ڏينهن جي صبح
، ظهر ، عصر ، جي پهرين رڪعت ۾ سوره الحمد ۽ ان کان پوءِ سوره جمعه ۽ ٻئ
رڪعت ۾سوالحمد ۽ کان پوءِ سوره منافقون پڙهندا هيا
سندن دور جا حڪمران
1 _ ولادت جي ڏينهن ۾ منصور دوانيقي جي حڪومت هئي
2_ 158 ھ کان مهدي عباسي جودور شروع ٿيو
3 _ 159 ھ ۾ هادي تخت تي ويٺو
4 _ 170ھ ۾ هارون جي حڪومت جي شروعات ٿي
5 _ 194 ھ ۾ امين حڪومت جي تخت کي سنڀالڻ لڳو
6_ 198 _ ھ کان مامو ن جي حڪو مت شروع ٿي ( ان ظالم 230 ھ ۾ امام عليه السلام کي زهر سان شهيد ڪرايو )
امين ۽ مامون هارون رشيد جاٻه فرزند هئا . امين عرب عورت مان ۽ مامون هڪ عجمي ڪنيز جو فرزند هو .
امين
تمام گهڻو عيش پرست ، بد ڪردار ۽ آواره هو جڏهن ته مامون، هوشيار چالاڪ
،سياستدان ۽ علم دوست شخص هو ، ليڪن عجمي عورت جو فرزند هجڻ ڪري عرب ان کي
ولي عهد مڃڻ لاءِ تيار نه هئا .۽ ٻئي طرف هارون امين کي پنهنجو جانشين ٺاهڻ
نه پيو چاهي ، ڇاڪاڻ ته ان کي جانشين ٺاهڻ جي صورت ۾ بادشاهي جي تباهي ۽
بربادي جو خطرو هيس . ان جي ڪري قبيلائي دٻاء ۾ اچي حڪومت کي ٻن حصن ۾
تقسيم ڪري ڇڏيائين . شام، حجاز ، ۽ يمن وارا عربي علائقا امين کي ڏئي
ڇڏيائين جڏهن ته ايران ، خراسان ۽ ترڪستان جا علائقا مامون جي حوالي ڪيائين
، ان ڪم سان هڪ مصيبت مان ته ڇوٽڪارو ملي ويس پر ٻي مصيبت اها
اچي ڪڙڪي جو ٻنهي پٽن پنهنجون پنهنجون حڪومتون وڃي سنڀاليون ليڪن پئ حڪومت
جي تخت کان محروم ٿئ ويو . پئ جي زندگي ۾ شروع ٿيندڙ اهو جهيڙو ان جي مرڻ
سان ئي زور وٺي ويو ۽ ٻنهي ڀائرن کي ان فڪر اچي ورتو ته پوري عالم اسلام تي
بس سندس ئي قبضو هجي ، ان جي ڪري هڪ طرف کان مامون کي عربن جي حمايت ۽ (
امين کي ) عجمين جي حمايت جو زور شروع ٿيو ، نيٺ ٻنهي ٽولن ۾ جنگ شروع ٿي
وئي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو عجمي فوج کي سوڀ ملي ۽ عرب شهزادي ( امين ) کي موت
جو پيالو پيڻو پيو ، ۽ هڪ دفعو اها حقيقت واضح ٿي وئي ته غير اسلامي نظام ۾
نه برادري کي ڪا اهميت آهي ۽ نه وري همدردي قاعدي ۽ قانون کي ڪومقام حاصل آهي
امام علي رضا عليه السلام 30 کان 35 سال پنهنجي والد سان گڏ گذاريا تن ڏينهن ۾ پاڻ حالات جو مڪمل طور جائزو وٺندا رهيا ، انهن ڏينهن
۾ قيد جي سختين سان گڏ سرڪاري دٻاء به لڳاتار جاري رهيو پاڻ مصيبتون
برداشت ڪرڻ سان گڏ وگڏ پنهنجي پياري بابا جي طريقه ڪار کي به ڏسندا رهيا ته
اسلامي نظام کي رواج ڏيڻ ۾ ڪهڙو طريقو اختيار ڪري رهيا آهن ۽ ڪهڙِ ريت
خدائي حڪمتن کان ڪم ورتو پيو وڃي ، حڪومت جي
طريقه ڪار کان غافل ٿيڻ ، هدايت جي شان جي خلاف آهي ۽ حڪومت سان سنئون سڌو
ٽڪر کائڻ بغير ڪنهن نتيجي جي موت کي سڏڻ جي برابر آهي ان حالت ۾ خاموشي
اختيار ڪرڻ ڄڻ ته حڪومت جي پٺ ڀرائي ڪرڻ هئي
امام
رضا عليه السلام چاهين پيا ته پنهنجي والد بزرگوار جي ڪردار کي جاري رکيو
وڃي تاڪه ڪنهن به ماڻهو کي اهو وهم ۽ گمان نه ٿئي ته پئ جي مصيبتن ۽ سختين
کي ڏسي پنهنجي زندگي جي طريقه ڪار کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو اٿن ۽
حڪومت سان ٺاه ڪري ڇڏيو اٿن ، 183 ھ لڳ ڀڳ 17 سال ان انداز ۾ ئي زندگي
گذاريائون جنهن انداز ۾ امام موسى ڪاظم عليه السلام جن گذاري اهو الڳ مسئلو
آهي ته امام رضا ع جو دور ڪجھ سڪون سان گذريو ۽ کين انهن مصيبتن سان منهن
نه ڏيڻو پيو ۽ اهو آل محمد جي تاريخ جو عجيب انداز آهي جو هر امام کي پاڻ
کان پهرين واري امام جي مقابلي ۾ هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف حالات پيش ايندا
رهيا آهن . ان جووڏي ۾ وڏو سبب اهو هو ته حڪومت هڪ حيلي کي آزمائڻ کان بعد جڏهن ناڪام ٿي ويندي هئي ته ان کي تبديل ڪري ڇڏيندي هئي تنهن
جي ڪري بعد واري امام کي بلڪل نئين حالات سان مقابلو ڪرڻو پوندو هو .جهڙيِ
ريت معاويه بن ابوسفيان مولاي ڪائنات سان صفين جي ميدان تي نهايت ئي خوني
قسم جي جنگ ڪئي جڏهن ته مولا جي شهادت کانپوءِ وري امام حسن عليه السلام
سان صلح ڪرڻ تي راضي ٿي ويو ، جڏهن ته يزيد امام حسين عليه السلام سان جنگ
ڪرڻ تي آماده ٿيو امام زين العابدين پنهنجي زندگي خاموشي ، گوشه نشيني ۽ عبادت ۾ گذاري ۽ امام محمد باقر عليه السلام ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جن کي ميدان ۾ کلم کلا ڪم ڪرڻ
جو موقعو مليو امام موسى ڪاظم عليه السلام جي جڪڙيل جسم سان قيد خاني ۾
شهادت ٿي جڏهن ته امام علي رضا عليه السلام کي ولي عهدي جو عهدو سنڀالڻو
پيو ٻئي طرف ڏسجي ته سندن فرزند امام محمد تقي عليه السلام کي ڪوئي عهدو نه
مليو ۽ کين دار الحڪومت کان مديني وڃڻو پيو امام محمد تقي عليه السلام کي (
سازش تحت ) خليفي جو نياڻو ڪيو ويو ۽ امام علي نقي عليه السلام کي وري قيد
خانن ۾ رکيو ويو تاريخ
جو اهو هر دور ۾ تبديل ٿيندڙ سلسلو ان ڳالھ جي واضح نشاني آهي ته حڪمرانن
کي لڳاتار پنهنجي شڪست جو احساس هو جنهن جي نتيجي ۾ وقت جو حڪمران پنهنجو
پاڻ يا ان جو وارث پنهنجي سياست کي تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو هو ائمه
عليه السلام الهام ۽ خدا جي خاص عنايت سان ظلم ۽ ستم جي تمام طور طريقن ۽
مڪر ۽ فريب جي سڀني حيلن جو آساني سان مقابلو ڪري سگهندا هئا
امام جو مديني کان مرو ( خراسان ) وڃڻ ۽ مامون جو کين ولايت عهدي جوعهدو سونپڻ
جڏهن
مامون خلافت جي تخت تي ويٺو ته عراق جي گورنري حسن بن سهل جي حوالي ڪيائين
۽ پاڻ مرو شهر ۾ رهڻ لڳو ان موقعي تي مامون پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ
لاءِ پنهنجي خاندان جي حضرت علي بن ابي طالب جي خاندان سان رشتيداري ظاهر
ڪيائين ان جي ڪري سن 200 هجري ۾ مديني جي گورنر کي خط لکيائين ته علي بن
موسى رضا عليه السلام کي بصري ۽ اهواز جي رستي کان خراسان پهچائي جڏهن امام
عليه السلام مرو شهر پهتا ته مامون سندن وڏو احترام ڪيو ۽ عام و خاص ۽
پنهنجي دوستن ۽ ساٿين کي چوڻ لڳو : مون عباس ۽ علي جي اولاد ۾ تمام گهڻو
غور ۽ فڪرڪيو آهي ۽
ڪنهن کي به علي عليه السلام کان وڌيڪ فضيلت وارو ۽ خلافت جو حقدار نه پاتو
اٿم ، ۽ پوءِ امام عليه السلام ڏانهن متوجه ٿي چوڻ لڳو مون اهو ارادو ڪيو
آهي ته پاڻ کي خلافت تان هٽائي ، اهو عهدو توهان جي حوالي ڪيان ، امام عليه
السلام فرمائڻ لڳا : ته اگر خداوند عالم هي عهدو توکي ڏنو آهي ته توکي اهو
حق حاصل ڪونهي جو ڪنهن ٻئي کي ڏين ۽ اگر اها خلافت تنهجو حق ناهي ته پوءِ پرائو حق ٻئي کي ڏيڻ جي به توکي اجازت نه آهي ، مامون چوڻ لڳو ليڪن توهان کي قبول ڪرڻو پوندو ته پاڻ فرمائڻ لڳا آئون پنهنجي رضا ۽ خوشي سان ته ڪڏهن به ان کي قبول
نه ڪندس اهي ڳالهيون ٻن مهينن تائين هلنديون رهيون ، مامون جيترو زور ڏئي
رهيو هو امام عليه السلام ڇا ڪاڻ ته ان جي مقصد کي سمجھي رهيا هئا ، انڪار
ڪندا رهيا
آخر
ڪار مامون اهي جسارت ڀريا جملا چيا ته خدا جو قسم اگر منهنجي وليعهدي کي
قبول نه ڪندين ته توکي قتل ڪرائي ڇڏيندس امام عليه السلام فرمائڻ لڳا ته
خدا ان ۾ راضي نه آهي ته آءُ پنهنجي پاڻ کي هلاڪت ۾ وجھان اگر مجبور ٿو
ڪرين ته قبول ٿو ڪريان لهذا امام نهايت ئي مجبوري جي حالت ۾ ولي عهدي قبول
ڪيائون جڏهن ته پاڻ ڏاڍا غمگين هيا
وليعهدي جي متعلق امام جون شرطون .
امام
عليه السلام مامون سان اهڙيون شرطون رکيون جن مان اهو لڳي رهيو هو ته کين
ان عهدي کي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي جيڪي شرطون هن ريت آهن
1. ڪوبه دستور نه ڏيندس
2. ڪنهن کي ڪنهن عهدي تانه هٽائيندس
3. تنهنجي حڪومت ۾ رائج قانون کي ختم نه ڪندس
4. ڪافتوى نه ڏيندس
5.ڪوفيصلونه ڪندس
6. حڪومتي ڪمن ڪارن ۾ مشورو ڏيڻ کان پري رهندس
امام جي بيعت
مامون امام رضا عليه السلام کي وليعهد چونڊڻ کان پوءِ سندن بيعت جي خيال سان هڪ وڏي
گڏجاڻي ڪرائي جنهن ۾ سندس وزير ، فوج جا ڪمانڊر حڪومت جا وڏا وڏا عهديدار ۽
عام ماڻهو شريڪ هئا جن مان سڀني کان پهرين عباس بن مامون ان کان پوءِ
عباسين ۽ پوءِ علوين امام جي بيعت ڪئي ، ليڪن بيعت جو طريقو انوکو هو جنهن
جو عباسي بادشاهن کي واء ساء به نه هو امام عليه السلام پنهنجو هٿ مبارڪ
بلند ڪيو جڏهن ته سندن هٿ جي پٺ سندن چهري مبارڪ ڏانهن هئي ۽ تري وارو پاسو
ماڻهن جي طرف ، مامون اهو ڏسي حيران رهجي ويو ۽ امام عليه السلام کي چوڻ
لڳو پنهنجو هٿ بيعت لاءِ کولي رکو امام عليه السلام جواب ۾ فرمايو ته رسول
الله ان طريقي سان بيعت وٺندا هئا. لکندڙ ارشاد حسين اسدي
|