دين اسلام ۾ تربيت ، خاص ڪري پنهنجي ٻآرن جي تربيت جي باري ۾ تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي . ۽ ان جي باري ۾ اخلاق ۽ عقائد جي ڪتابن ۾ آيتون ۽ روايتون تمام گهڻي تعداد ۾ نقل ڪيون ويون آهن ۽ ان ڳالهه کي به هرڪو ڄاڻي ٿو ته انسان جي سٺي زندگي جو دارومدار ان جي سٺي  تربيت هجڻ تي موقوف آهي . جيڪڏهن ٻارن ۽ جوانن جي صحيح وقت تي تربيت نه ٿيل آهي ته ان کان بعد انهن تي ڪيتري به محنت ڪئي وڃي اها بي فائده هوندي آهي . ان جيڪري اسلام والدين تي اها ذمه داري لڳائي آهي ته پنهنجي اولاد جي صحيح تربيت ڪن ان ڪري امام علي ع جن فرمائن ٿا : اکرموا اولادکم واحسنوا آدابهم يعني پنهنجي اولاد جي عزت ڪيو ۽ انهن جي صحيح تربيت ڪيو .

 تعليم ۽ تربيت جي اهميت ۽ ضرورت کي بيان ڪرڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو قرآن شريف الله سائين کي هڪ هزار کان وڌيڪ رب ۽ ڪيترا دفعا ”عالم “ ”عليم “ جو نالو ڏنو آهي. پاڻ سڳورن ص چوڏهن سو سال جاهليت جي زماني ۾ به تربيت جهڙي اهم موضوع ڏانهن انسانن کي متوجه ڪيو ان جيڪري والدين کي کپي ته پنهنجي ٻارن جي تربيت اڄڪلهه جي تقضائن مطابق ڪن حضرت علي عجن فرمائن ٿا : لا تودبوا اولادکم باخلاقکم لانهم خلقوا لزمان غير زمانکم “ یعني پنهنجي ٻارن جي تربيت پنهنجي اخلاق جي مطابق نه ڪيو ڇو جو انهن کي اهڙي زماني ۾ الله سائين پيدا ڪيو آهي جنهن ۾ توهان کي خلق نه ڪيو ويو آهي . يعني توهان جي زماني ۾ ۽ انه جي زماني ۾ فرق آهي مولا ان موضوع جي باري ۾ هڪ ٻي جاءِ تي فرمائن ٿا: لا ميراث کالادب “ يعني ادب جهڙي ميراث ئي نه آهي ان موضوع جي اهميت مولوي ۽ علامه اقبال جهڙي شاعرن کان به ڳجهي نه هئي ان جيڪري مولوي اهميت کي بيان ڪندي چئي ٿو :

از خدا جوييم توفيق ادب * بي ادب محروم مانداز لطف ربّ

يعني اسان کي کپي ته الله سائين کان ادب ۽ اخلاق جي توفيق گهرون ڇو جو بي ادب انسان الله سائين جي لطف کان محروم رهجي ويندو آهي

بي ادب تنها نه خود را داشت بد * بلکه آتش در همه آفاق زد

بي ادب انسان ڇڙو پاڻ خراب نه هوندو آ پر هو سڄي سماج کي باهه ڏئي ڇڏيندو اهي

علام اقبال چئي ٿو :

آبروي گل، زرنگ وبوي دوست * بي ادب ، بي رنگ وبو ، بي آبروست

گل جي عزتان جي خوشبو جيڪري آهي ۽ بي ادب انسان ان گل وانگر آهي جنهن ۾ ڪا خوشبو نه هجي

نوجواني را چوبينيم بي ادب * روز من ،تاريک مي گردد چوشب

جڏهن مان ڪنهن بي ادب جوان کي ڏسندو آهيان ته چٽو ڏينهن به منهنجي لاءِ اونداهي ٿي ويندي آهي

تاب وتب در سينه افزايد مرا * ياد عهد مصطفى  آيد مرا

۽ اهڙو ڏيک منهنجي دل جي بي چيني کي وڌائي ڇڏيندو آهي ۽ مونکي پوءِ پاڻ سڳورن جي زماني جي تربيت پاتل جوانن جي ياد ايندي آهي

ان مقدمي جي بيان ڪرڻ سان انشاءالله موضوع جي اهميت واضح ٿي وئي هوندي هاڻي اسان تربيت جي مختلف حصن تي ٿوري روشني وجهڻ چاهيون ٿا

تربيت جو مفهوم

تربيت جو ڪلمو عربي زبان ۾ ، الادب ، تعليم ، تدريب ، رب وغيره جي معنائن ۾ ايندو اهي اهو ڪلمو مصدر آهي  ان جي ڪري پالڻ جي معنى ۾ ايندو آهي يعني ڪنهن کي ادب سيکارڻ تربيت رب مان ورتل آهل ۽ ان جي فاعل کي مربي چيو ويندو آهي يعني پالڻ وارو يا جيڪو ادب سيکاري طبرسي سوره حمد جي تفسير ۾ مختلف معنائون لکيون آهن جيئن اڳواڻ ، پيروڪار ، چيو وٺڻ وارو مالڪ ، صاحب ۽ اڳي لکن ٿا ته رب وارو لفظ الله سائين کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي لاءِ استعمال نه ٿيندو آهي جيڪڏهن استعمال ٿيندو ته ان لاءِ شرط آهي ته ان سان ڪنهن ٻئي ڪلمي کي ملايو وڃي جيئن رب الدار (گهر جو مالڪ) وغيره  جڏهن الله سائين کي رب العالمين سان سڏيو وڃي ته ان جومطلب اهو هوندو آهي ته الله سائين تمام موجودات کي پالڻ وارو آهي ۽ انهن جي تربيت ڪرڻ وارو آهي ۽ اها صفت قرآن ۾ ڪافي جاين تي الله سائين لاءِ بيان ٿيل اهي جيئن سوره حمد۾ الحمد لله رب لعالمين اهڙي طرح ٻين سورتن ۾ به  معجم المفهرس جي مطابق اهو جملو قرآن ۾ 42 دفعا ذڪر ٿيو آهي ۽ سڀني جاين تي تربيت ۽ پلڻ جي معنى ۾ آيو اهي ان جيڪري الله سائين ئي حقيقي خالق ۽ تربيت ڪرڻ (پالڻ ورو) آهي 

اولاد جي شخصيت ۽انهن کي با ڪمال بڻائڻ ۾ والدين جو اهم ڪردار آهي ڇو جو ٻار پنهنجو سڄو ابتدائي وقت والدين  جي گهر ۾ رهي ٿو ان جيڪري  والدين جو ٻار جي تربيت ۾ اهم ڪردار رهي ٿو ٻار جيئن هن دنيا ۾ اچي ٿو ان جي پهرين نظر ان جي گهر وارن تي انهن جي اعمالن تي ، ڪردار تي پئي ٿي انهن جي جيڪا رفتار ڏسي ٿو ڪوشش ٿو ڪري ته ان کي مان به انجام ڏيان جيڪڏهن والدين جو ڪردار سٺو نه هوندو ته ان جي اولاد جو ڪردار به اهو ئي هوندو . جيڪي نفسياتي ماهر آهن انهن جو چوڻ آهي ته ٻار جڏهن ماء جي پيٽ ۾ هوندو آهي  ماء جي تمام حالتن يعني خوشي، غمي ، نيڪ اعمالن ، برن اعمالن جوان تي اثر ٿئي ٿو ان جيڪري ماء کي گهرجي ته نطفي جي منعقد ٿيڻ کان وٺي ٻآر جي ڄمڻ تائين انهن ڳالهين جو خيال ڪري ته مونکي ڪهڙا ڪم ڪرڻ گهرجن ۽ ڪنهن کان پري رهان . مولا علي  ٻار جي تربيت لاءِ والدين کي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي آهي ۽ پيءُ کي ٻآر جي وجود جي علت قرار ڏنو اٿائون جيئن پيءُ جي اها ذمي داري آهي ته اهو گهر ۾ حلال رزق آڻي ، مناسب رهائش جو انتظام ڪري ، پنهنجي گهروارن سان اخلاق کي سهڻو ڪري اهي اهڙي وظيفا آهن جن سان انسان پنهنجي ٻآر جي صحيح تربيت ڪري هڪ ڀلو انسان بڻائي سگهي ٿو  . 

الله سائين به ٻآر جي تربيت لاءِ قرآن ۾ تاڪيد ڪئي آهي تربيت ساڻ والدين تي ۽ اولاد تي جيڪي حق آهن انهن کي بيان ڪيو آهي هڪ خاندان الله جي انهن ڏنل قانونن تي عمل ڪري ئي سعاتمند ٿي سگهي ٿو مولا علي ع فرمائن ٿا : حق الولد على الوالدين ان يحسن اسمه ويحسن ادبه ويعلمه القرآن ٻار جو حق پيءُ تي اهو آهي ته ان جو سٺو نالو رکي ، ان کي بهترين ادب سيکاري، ۽ ان کي قرآن جي تعليم ڏي. بس پي تي ان جي اولاد جو اهو حق اهي ته ان جي صحيح تربيت ڪن جيڪڏهن شروع ۾ پي پنهنجي ٻآر جي ڀلي تربيت نه ڪري ۽ ان کان بعد ۾ وري ڀلي ڪردار جي اميد رکي ته اها بي جا توقع آهي ۽ اهو آبر وڏي ٿيڻ کان بعد ۾ پنهنجي پي کي چئي سگهي ٿو ته جيڪڏهن توهان مون کي قرآن جي تعليم ، سٺو اخلاق سيکاريو ها ته اڄ مان به هڪ نيڪ انسان هجان هان پر اواهن منهنجي ننڍپڻ ۾ مون تي بلڪل ڌيان نه ڏنو.

آية الله مڪارم شيرازي دامة برڪاته ان ئي مولا جي فرمان جي ذمن ۾ هڪ قصو نقل ڪندي فرمائين ٿا : هڪ شخص هڪ جاءِ تان گذري رهيو هو ڏٺائين ته پٽ پنهنجي پيءُ کي ماري رهيو آهي هن اعتراض ڪندي چيو تون پنهنجي بابي کي ڇو ٿو مارين ؟ ته ان جو پٽ وراڻيو ته ڇا ائين ناهين جو پٽ جا پيءُ تي ڪجهه حق آهن ؟ انهن حقن مان هڪ حق اهو آهي ته پٽ جو سٺو نالو رکي منهنجي بابي منهنجو نالو”برغوث “  يعني ”ڪيڪ“ رکيو آهي ٻيو پٽ جو حق اهو آهي ته پنهنجي پٽ کي قرآن پڙهائي اڄ تائين بابي مونکي قرآن جو هڪ لفظ به نه سيکاريو آهي ٽِیون حَق اهو آهي ته ٻآر جي سرپرستي ڪري مان هاڻي جوان ٿي چڪو آهيان منهنجو اڃا تائين طهر نه ڪرايو اٿائين

هڪ مقام تي مولا علي ع جن فرمايو : اومروا اولادکم بطلب العلم “ پنهنجي ٻآرن کي علم حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏيو ” علموا اولادکم الصلواة وخذوهم بها اذا بلغوا الحلم “ پنهنجي ٻآرن نماز سيکاريو ۽ جڏهن بالغ ٿي وڃن ته انهن تي نماز جي سلسلي ۾ سختي ڪيو . تربيت جي مسئلن مان اهم ترين مسئلو نماز سيکارڻ جو مسئلو آهي ان جيڪري ائمه جن نصيحت ڪئي آهي ته ستن سالن کان ئي ٻآرن ۾ نماز جي عادت وجهو ان جيڪري والدين کي کپي ته ستن سالن کان ئي ٻار کي نماز جي عادت وجهن . ٻيو پنهنجي ٻار جو سٺو نالو رکن اڄڪلهه جي معاشري ۾ ان نالي رکڻ کي اهميت ئي نه ٿي ڏني وڃي اهو ڪم معارف اسلامي کي نه مڃڻ جي برابر آهي مولاي متقيان علي ع جن فرمائن ٿا ” لان يحسن اسمه “ ان کان علاوه هڪ ٻي حديث ۾ فرمائن ٿا ” جڏهن به ڪنهن ٻار جو نالو محمد رکو ته ان جو احترام ڪيو پنهنجي ڪچهرين ۾ ان کي ڀلي جڳهه ڏيو ۽ ان کي نه ڪاوڙايو “ ان جيڪري اسان کي کپي ته پنهنجي ٻارن جا نالا امامن جي نالن جي مطابق رکون ته جيئن انهن نالن جي برڪت سان اهي ٻار دنيا ۽ آخرت ۾ سعادتمند بڻجن  ضرورت ان جي ڳالهه آهي ته والدين اولاد جو احترام ڪن اهڙي طرح اولاد به پنهنجي والدين جو احترام واجب سمجهي

ان مقدس (پاڪ ) هدف کي حآصل ڪرڻ لاءِ انسان جي لاءِ ضروري آهي ته اهو صحِيح طريقي ، روش جو انتخاب ڪري ڇو جو ڪنههن ڪم کي به حاصلڪرڻ لاءِ پهريان ان جي طريقن جو صحيح هجڻ ضروري هوندو آهي نه ته نتيجو صحيح نه ملندو مولا علي ع پنهنجي بابرڪت ڪلام ۾ مولا حسن ع کي مخاطب ٿي ڪري فرمايو : ” ان ابتدائک بتعليم کتاب الله وتاويله وشرائع الاسلام واحکامه وحلاله وحرامه لا اجاوز ذلک بک الا غيره ......“ هاڻي مان توهانجي تربيت جو آغآز الله جي ڪتاب ان تاويل سان ڪري رهيو آهيان اسلام جي قانونن ۽ حرام و حال جي ڄآڻ سدان ڪري رهيو آهيان . انهن قيمتي جملن مان خبر پوي ٿي ته اسان کي تربيت ڇا سان ۽ڪيئن ڪرڻ گهرجي سڀ کان پهريان الله جي ڪتاب ( قرآن ) جي تعليم ڏني وڃي ان نوراني ڪلام سان منور ڪيو وڃي . ان کان بعد دين اسلام جي شريعت ۾ حلال ۽ حرام جي ڄاڻ ڏني وڃي جڏهن شروع ۾ ئي انسان جي دل الله جي نوراني ڪلام سان روشن ٿي ويندي ته ٻين مرحلم ۾ انسان کي ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي ، ٻآر کي ٻيا تمام مسئلا آساني سان سمجهه ۾ ايندا اسان جيڪڏهن پنهنجي زندگي کي ڏسون ته اسان جيڪي مطلب جيڪي ڳالهيون ننڍپڻ ۾ ياد ڪيون هيوسي اهي اسن کي چڱي نموني سان ياد آهنپر هاڻي اسان جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ڏسون ته ڪنهن مطلب کي ياد ڪرڻ لاءِ ان کي ڪيترائي ڀيرا تڪرار ڪرڻو ٿو پوي ان هوندي به انهن مان اڪثر ڳالهيون جلد وسري ٿيون وڃن ان جيڪري انسان پنهنجي ٻارن جي تربيت الله جي ڪلام سان ڪري ته جيئن اهو ڪلام انسان کير هميشا ياد رهي آقاي مصطفى رباني جن مولا جي ڪلام جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا ته ٻآر کي شروع ۾ اختلافي مسائل نه پڙايا وڃن بلڪ ان کي شروع ۾ اخلاقي ، اعتقادي ۽ اجتماعي ڳالهيون سيکاريون وڃن ته جيئن اهو ٻآر غلط رستي کي انتخاب نه ڪري سگهي ان جيڪري پي ماءُ لاءِ ضروري آهي ته ٻآر جي اهڙي تربيت ڪن ته جيئن اهي روحآني حساب سان شاداب هجن ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته قرآن ڪريم جي تعليم ۽ ان جي تفسير ٻآرن جي لا۽ هڪ اهڙو هدف آهي جنهن کي الله سائين نعمتن مان شمار ڪيو اهي مولا علي ع به اهو ٿا گهرن ته جيئن مسلمانن جا ٻار روحآني ، معنوي مقامن جي بلندين تي پهچي ڪري دين اسلام جي خدمت ڪن بس اسان مسلمانن جو فريضو آهي  ته امام جي خواهش مطابق اسان دين جي مختلف مسائلن جي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيون

والدين کي گهرجي ته فرصت جيڪا انهن جي هٿ ۾ ااهي ان کي نه وڃائن ان ڳالهه جو انتظار نه ڪن ته ٻآر وڏا ٿين ته پوءِ انهن جي سهڻي نموني سان تربيت ڪنداسين فارسي زبان ۾ هڪ پهاڪو آهي ته ” علاج واقعه قبل از واقعه بايد کرد “ يعني ڪنهن واقعي جي ظاهر ٿيڻ کان پهريان ماڻهو کي احتياط ڪرڻ گهرجي ائين نه ٿئي جو اولاد هٿ مان نڪري وڃي پوءِ ماڻهو گهوڙا گھوڙا ڪري ان  جيڪري ان ڳالهه ڏانهن شروع ۾ ئي ڌيان ڏجي ان جيڪري مولا علي ع فرمائن ٿا : انما القلب الحدث کالارض الخالية ما القي فيها من شي قبلته فبادرتک بالادب قبل ان يقسو قلبک ويشتغل لبک لتستقبل بجداريک “ يقينا نوجون جي دل هڪ خالي زمين وانگر هوندي آهي جيڪا شي به ان ۾ وڌي وڃي ان کي اهو قبول ڪندو اهي ان جيڪري مان چاهيم ته تونهنجي دل جي سخت ٿيڻ کان پهريان ، عقل جي مشغول ٿيڻ کان پهريان ادب سيکاريازن ته جيئن توهان سنجيده فڪر سان ان ڳالهه کي قبول ڪيو  . اها مولا جي هڪ بي مثال وصيت آهي مولا ان وصيت سان والدين جي لاءِ اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انسان جي جسماني طاقت ۾ گهٽتائي ايندي آهي ۽ فڪر ڪرڻ جر طاقت به ڪمزور ٿي ويندي آهي ان جيڪري ڪيڏو نه ڀلوآ جو انسان آخرت جي لاءِ ترت تياري ڪري مولا جن اهو بيان ڪرڻ ٿا چاهن ته ان کان پهريان جو توهان جي اولاد جو ذهن ڪنهن ٻي شي ۾ مشغول ٿي وڃي توهان انهن جي ذهنن کي الهي ڳالهين سان منور ڪيو جيڪڏهن انهن جو شروع ۾ خيال نه ڪيو ويو ته جيئن مولا انهن جي دلين کي خالي زمين جيان چيو آهي  يعني انهن جون دلين هر قسم جي عقيدتي ڳالهين کان پاڪ هونديون آهن ان کان پهريان جو انهن دلين ۾ ڪنهن ٻي شي جو ٻج پوکيو وڃي توهان انهن ۾ ادب جو ٻج پوکيو انهن کي سهڻي ادب سان نوازيو

انهن گذريل ڳالهين مان اسان ان نتيجي  کي وٺون ٿا ته اولاد جي تربيت جو موضوع هڪ  اهم ترين موضعن منجهان آهي جنهنن جي قرآن ۽ حديثن ۾ ڏاڍي تاڪيد ٿي آهي ان جيڪري انسان ان کان منهن نٿو موڙي سگهي ڇو جو انسان جي سعادت ،بد بختي جو انحصار تربيت تي آهي جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ ئي ٻآر جي تربيت نه ڪئي وئي ته اهو ڪڏهن به هڪ ڪامل انسان نه بڻبو ان ڳالهه ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ٻآر جي والدين جو اهي هڪ روايت ۾ مولا سجاد ع فرمائن ٿا : و انک مسئول عما وليته به من حسن الادب والدلالته على ربه “ والد جيڪو پنهنجي ٻآر تي ولايت رکي ٿو اان جي ذمي داري آهي ته پنهنجي ٻآرن کي سٺو اخلاق سيکاري انهن جي تربيت اسلامي ڏسن مطابق ڪري .

هڪ ڳالهه ڏانهن توجه ڪرڻ ضروري آهي ته والدين ان کان پهريان جو والدين پنهنجي اولاد جي تربيت ڪن انهن کي گهرجي ته پنهنجي افعالن تي به نظر وجهن پنهنجي ڪردار ، اٿڻي ويهڻي کي به ٺيڪ ڪن ته جيئن انهن جي اولاد انهن جي افعالن کي ڏسي پيروي ڪري ڇو جو جيڪي پاڻ صحيح ناهن اهي ڪڏهن به پنهنجي اوولاد جي صحيح تربيت نه ٿا ڪري سگهن ان جيڪري جيڪڏهن گهر وارا نمازي هوندا ٻآر به نماز ڏانهن راغب ٿيندو جيڪڏهن گهر وارا بي نمازي هوندا ٻآر بي نمازي بڻبو ڇو جو ٻآر جيڪو ڪجهه سکن ٿا پنهنجي گهروارن کان ئي سکندا آهن انهن جي افعالن کي ڏسي ڪري انهن جي ڪاپي ڪندا آهن ان جيڪري هڪ بااخلاق خاندان ئي پنهنجي اولاد جي صحيح تربيت ڪري سگهي ٿو ۽ ٻي ڳالهه اها ته تربيت ۾ صحيح طريقو اپنايو وڃي امامن جي سيرت مطابق انهن جي تربيت ڪئي وڃي نه ماڻهن کي ڏسي ڪري ته اڄڪلهه جا ٻار جيئن آهن تيئن مان انهن جا نالا رکان  بلڪي انهن جا نالا انهن جي هر شي ائمه جي چوڻ مطابق هجي ۽ والدين لاءِ اهو به ضروري آهي ته ٻآرن جي تربيت ۾ جلدي ڪن ائين نه ٿئي جو ٻار جو ذهن غلط شين ۾ مشغول ٿي وڃي پوءِ ماڻهجو پشيمان ٿئي اولاد جي تربيت لاءِ ڪنهن خاص وقت جو انتظار نه ڪيو بلڪي شادي ٿيندي ئي تربيت جي ابتدا ڪيو جيئن  اهڙي عورت سان شادي ڪيو جيڪا نيڪ سيرت هجي خاندان ڀلو هجيس ان کان بعد اهي ڪم جيڪي هڪ حاملا  عورت کي ڪرڻ کپن اهي آداب ان کي سيکاريا وڃن کير پيارڻ وقت ڪهڙين شين جو خيال ڪرڻ کپي اهي آداب پنهنجي گهرواري کي سيکاريا وڃن بس جيڪڏهن انسان هڪ نيڪ سيرت گهرواري جو انتخاب ڪري ۽ انهن ڏنل ڏسن مطابق جيڪي اسانجي امامن ڏنا آهن انهن تي عمل ڪري ته انشاءالله هڪ بهترين ۽ با ڪردار اولاد سان ان جو گهر آباد ٿيندو .

الله سائين کان دعا آهي ته اسان کي اولاد جي صحيح تربيت ڪرڻ ۽ پنهنجي ذمه دارين کي نڀائڻ جي توفيق عنايت ڪري .

آمين يا رب العالمین

حوالا

نهج البلاغه  حڪمت 44

 تربيت کودک از ديدگاه اسلام ص 15

ڪتاب فلسفه تعليم وتربيت ص 22 ج 1

 گفتار فلسفي ص104

 ڪتاب اسلام مقتضيات زمان ج1 ص988

معارف نهج البلاغه در شعر شاعران ج2 ص988

راهنماي تحقيق نهج البلاغه ج13 ص 58

 فرهنگ عميد (فارسي) ج1 ص 66

 قاموس القرآن ج 3 ص 42 ، 43

ميزان الحڪمة ج1 ص222

شرح فشرده نهج البلاغه (آيت الله مڪارم ) ج3 ص 577



[1] نهج البلاغه حڪمت 44

[2] ڪتاب اسلاممقتضيات زمان  ج1 ص 274

[3] قاموس القرآن ج3 ص 48

+ نوشته شده در  2012/1/2ساعت 14:40  توسط ALIWAHEED SAJDI halepoto  |