14.00
سيده فاطمه الزهرا سلام الله عليها تي ايترا ظلم ڇو!؟ قال رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فتکون اول من یلحقنی من اهل بیتی فتقدم علی محزونه مکروبه مغمومه مقتوله فرائد السمطین ج 2 ص 34 حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها تي جيڪي به ظلم ۽ مظالم ٿيا اهي ابوبکر عمر ۽. انهن جي ساٿين جي ذريعي ٿيا عالم اسلام ۾ هي ظلمَ سج وانگر روشن آهي. ليڪن هن حقيقت کي اگر ڪوئي قبول ڪري ته! اهڙن ماڻهن جي لاءِ خداوند متعال قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو: ((لهم أعین لا یبصرون بها ))اهي اکيون ته رکن ٿا ليڪن ڏسي نٿا سگھن. ها !خداوند متعال انهن جي قدرت بينائي جي باري ۾ اسان کي ڏَسي رهيو آهي بس اسان کي ڪا به ضرورت ناهي جو اسان انهن تي زور رکون ته هن حقيقت کي قبول ڪن. ليڪن حقيقت بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته شايد حضرت زهرا سلام الله عليها اسان کان راضي ٿي پوي، ۽ اسان پنهنجي حقيقي محبت جوسائڻ سان اظهار ڪيون. (1)سائڻ زهرا(س) جي گھر تي باهه کڻي اچڻ ۽ دروازي کي ساڙڻ ڪجھ ماڻهن جن اهلبيت کان منهن ڦيريو ۽ وفات رسول خدا (ص)کان پوءِ مولا علي (ع)۽ سائڻ زهرا(س) جي دروازي تي باهه کڻي آهيا بس ابوبڪر ،عمر کي انهن جي پويان موڪليو عمر جڏهن سچي سائڻ جي دروازي تي آيو ۽ چيائين ای رسول خدا جي نياڻي! خدا جو قسم آه اسان وٽ توهان جي والد کان پوءِ ڪو به عزيز ۽ محبوب نه آهي ۽ ان کان پوءِاگر ڪو اسان وٽ محبوب ۽ عزيزآهي ته توهان جي ذات اقدس آهي! اسلم چوي ٿو ته: جئين عمر سائڻ جي دروازي تان موٽي ويو حضرت علي عليه السلام ۽ زبير گھر ۾ داخل ٿيا. بس سيده فاطمه الزهرا سلام الله عليها فرمايو: ((توهان ڄاڻو ٿا عمر مون وٽ آيو هيو ۽ خدا جو قسم کڻي چيائين اگر علي عليه السلام گھر موٽي اچن ۽ ابو بڪر جي بيعت نه ڪن ته مان توهان جي گھر کي باهه سان ساڙيندم. علي مولا فرمائن ٿا خدا جو قسم عمر ضرور باهه کڻي ايندو ابو بڪر علي عليه السلام ڏانهن پيغام موڪليو ته منهنجي بيعت ڪريو ليڪن امير المومنين قبول نه ڪريو ان کان پوءِ عمر سائڻ جي دروازي تي باه کڻي آيو ته زهرا سلام الله فرمايو
یابن خطاب انراک محرقا علی بابی؟! قال نعم
ترجمو: (( ايابن خطاب! مان ڏسان ٿي ته تون منهنجي دروازي تي باه کڻي آيو آهين ته ڇا تون منهنجي گھر کي باهه ڏيندي؟! عمر چيو: ها مان گھر کي باهه ڏيندم))1 (2)جيڪي سيده جي دروازي تي باهه کڻي آيا انهن جا نالا عمربن خطاب، خالدبن وليد، عبدالرحمن بن عوف، ثابت ابن عميس شماس، زيدن بن لبيد، سلمة بن سالمة بن وقش، زيدبن اسلم، اسيربن حضين2 . (3) سائڻ جي دروازي کي باهه ڏيڻ ۽ عمر جي لاپرواهي عمر مولا علي ۽ سائڻ جي دروازي تي آيو ۽ سڏ ڪيو ليڪن ڪنهن به پرواه نه ڪئي ۽ گھر کان ڪويي به ٻاهر نه آيو عمر چيو: ڪاٺيون گڏ ڪيو ۽ چيائين خدا جو قسم آهي جنهن جي قبضه قدرت ۾ مان عمر جي جان آهي يا ٻاهر اچن يا تمام گھر وارن کي باهه سان ساڙيندس عمر کي چيائون: يا اباحفص!زهرا سائڻ هن گھر۾ رهندي آهي ته ڇا اگر زهرا سائڻ به گھر ۾ هجي ! پوءِ به تون گھر کي باهه ڏيندي؟ عمر جواب ڏنو : ها !ڀلي ڇونه فاطمه به گھر ۾ هجي پوءِ به مان گھر کي باهه ڏيندم. ۽ مقاتل ابن عطيه وارو لکي ٿوته : (( جڏهن ابوبڪر زبردستي ۽ تلوار جي زور تي ماڻهن کان بيعت ورتي ،عمر قنفذ ۽ انهن سان گڏ ڪجھ ماڻهن کي علي مولا سائڻ جي گھر ڏانهن موڪليو ۽ عمرسيده جي گھر جي اڳيان ڪاٺيون گڏ ڪري ۽ سيده جي دروازي کي باهه ڏني))3 (4) فاطمه سلام الله جو گريو ڪرڻ۽مولا علي کي قيد ڪري وٺي وڃڻ ۽ قتل جي دهمڪي ڏيڻ روايات اهل سنت ۾ آيو آهي جڏهن عمر ۽ ان جا اصحاب سيده جي دروازي تي گڏ ٿيا ۽ دق الباب ڪيو بس انهن جڏهن سيده جي روئڻ جو آواز ٻڌو ته هو به روئڻ لڳا ليڪن ڪوئي به مدد لاءِ نه آيوليڪن عمر ۽ ان جا ساتهي دروازي تي بيٺا ر هيا ۽ سائڻ جي گھر ۾ داخل ٿيا امام علي (ع) کي زبردستي قيد ڪري ابوبڪر ڏانهن وٺي ويا ۽ مولا کي چيائون ته ابوبڪر جي بيعت ڪري !امام علي (ع) فرمائن ٿا اگر مان بيعت نه ڪيان ته ڇا ٿيندو؟ ته ابوبڪر ۽ عمر چيو ته خدا جو قسم اسان توهان جي گردن کي تن کان جدا ڪنداسين. > الامامه و السياسه، ابن قتيبه ج1 ص 13>4 (5) عمر جي سيده جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ ابن ابي دارم جنهن کي ذهبي التهذيب ۾ ((الامام الحافظ الفاضل..کان موصوفا بالحفظ والمعرفه)) جهڙين وصفن سان ياد ڪيو آهي ان کان هڪ روايت نقل ڪئي وئي آهي ته ((ان عمر رفس فاطمه حتی اسقطت بمحسن)) ترجمو: عمر هڪ لت سيده جي پاسيري تي هنئي جنهن جي ڪري جناب محسن(ع)جي شهادت ٿي. ۽ هن حديث کي ذهبي مورد تائيد قرار ڏنو آهي <سیر اعلام النبلاء ج 15 ص 578<5 (6) حضرت زهرا سلام الله عليها جو غضب ابو بڪر۽ عمر تي علماء اهل سنت نقل ڪن ٿا ته سيده فاطمه الزهرا سلام الله عليها فرمايو : ابو بڪر ۽ عمر جنهن جرم ۽ خطاء جا مرتڪب ٿيا آهن خداوند متعال پاڻ انهن کان حساب ۽ ڪتاب وٺندو . >تاریخ خلفا ابن قطیبه ج 1 ص 19>6 (7) سيده حضرت زهرا سلام الله عليها جو خطبو سيده جو عظيم خطبو جنهنن خطبي ۾ سيده فرمايو: اي ابو قحافه جا پٽ(ابوبڪر) ڇا اهو ڪتاب خدا ۾ آهي ته تون پنهنجي والد کان ارث وٺي سگھين ٿو ۽ مان پنهنجي والد کان ارث نٿي وٺي سگھان! ڪهڙيون ڪهڙيون بدعتون تون دين خدا وند متعال ۾ ايجاد ڪندين؟ جلدي توکي خبر پوندي ته مظلومن تي ظلم ڪرڻ سان ڪهڙو حساب ۽ڪتاب ،الله جي ذات کي ڏيڻو پوندو آهي <بلاغات النساء ابوالفضل احمد ابن ابی طاهر متولد 204 ص 23 و 24 چاپ بیروت<7 (8)ابو بڪر کي سيده جي بد دعا ابن قتيبه پنهنجي ڪتاب الامامه والسياسه ص 14 ۾ لکي ٿو ته حضرت زهرا سلام الله عليها ابوبڪر کي چيو: ((و الله لأدعون علیک فی کل صلاه أصلیها)) ترجمو: ((خدا جو قسم آهي هرنماز ۾ توهان کي(عمر،ابو بڪر) بد دعا ڪندم)) ۽ پڻ حضرت زهرا سلام الله عليها عمر ۽ ابوبڪر جي لاءِ هي جملو چيو: ((إنی أشهد الله و ملائکته أنکما أسخطتمانی و ما أرضیتمانی لئن لقیت النبی لأشکونکما )) ترجمو: خدا وند متعال ۽ تمام ملائڪن کي گواه قرارڏيان ٿي ته توهان ٻني (ابوبڪر ۽ عمر) مون کي ناراض ڪيو آهي ۽ مان توهان کان راضي نه آهيان قيامت جي ڏينهن جڏهن رسول خدا سان ملاقات ڪندس ته توهان ٻنهي جي بارگاه رسالت ۾ شڪايت ڪندَم >الامامه و السیاسه ابن قتیبه ص 14>8 (9) سيده تي ظلم ۽ ابو بڪر جو اعتراف متقي هندي چوي ٿو ته ابو بڪر چيو: اي ڪاش سيده زهرا سلام الله عليها جي دروازي تي حملو نه ڪيان هان ۽ انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيان هان اگر چه اهي مون سان جنگ ڪن ها ليڪن مان سيده جي گهر تي حملو نه ڪيان هان !9 <کنز العمال ج 5 ص 631< اي مسلمانو! توهان اگر هنن حديثن ۽ روايتن ۽ راوين ۽ ڪتابن کي قبول ڪيو ٿا ته توهان ٻڌايو رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جي اڪيلي نياڻي جنهن جي لاء
مختلف مناسبتن سان سيده صديقه سلام الله عليها جي باري ۾ هر موڙ تي ۽ مختلف مقا من تي سيده جي فضيلتن کي بيان ڪيو ويو آهي فاطمه منهنجي جگر جو ٽڪڙو آهي
جناب رسالتمآب فرمايو اي فاطمه الله جي ذات ناراض آهي ان شخص سان جنهن تو کي ناراض ڪيو ۽ الله جي ذات راضي آهي اُن شخص سان جنهن سا تون راضي آهين فاطمه سلام الله عليها تمام خواتين اهل جنت جي سردار آهي قال النبی صلی الله علیه وآله وسلم فاطمه سیده النساء اهل الجنة رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا فاطمه سلام الله عليها تمام خواتين اهل جنت جي سردار آهي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم وسلم فرمائن ٿا : (اوّل شخص یدخل الجنَه فاطمة بنت محمد صلی الله علیه وآله وسلم ومثلها فی هذه الامَةمثل مریم فی بنی اسرائيل) روايت ۾ آيو آهي :سڀني کان پهريان بهشت ۾ جنهن کي گھرايو ويندو اها سيده زهرا سلام الله عليها جي ذات اقدس آهي ۽ سيده جو مثال هن امت ۾ مثل جناب مريم آهي جئين مريم جو مقام هيو بني اسرائيل ۾ايترن فضائلن جي مالڪه سيده زهرا سلام الله عليها جنهن جي لاءِ نه فقط حديثون بلڪه آيات قرآني به فضائل بيان ڪن ٿيون ليڪن افسوس مسلمانن ! ايترن فضائلن جي باوجود سيده تي ظلمن جي حد ڪري ڇڏيائون طرح طرح جا ظلم سيده تي ڪيائون مان توهان کان سوال ٿو ڪريان ڪهڙي سبب ۽ علت جي ڪري خليفن سيده تي ظلم ڪيو ڇا ان جي ڪري جو رسول خدا جي اڪيلي نياڻي هئي ؟ يا ان جي ڪري جو رسول خدا جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻو هيو؟ يا وري ان جي ڪري جو حسن (ع) حسين(ع) جي والده هئي ؟ يا ان جي ڪري جو امام علي جي زوجه مطهره هئي ؟ يا ان جي ڪري سيده تي ظلم ڪيا ويا جو آيات قراني بيبي جي شان ۾ آيون؟ يا ان جي ڪري سيده جي شان ۾ مختلف مقامن تي رسول خدا فضائل بيان ڪيا ؟ اي مسلمانو ! مون کي جواب ڏيو ڇا جي ڪري سيده تي ظلم ڪيا ويا ڇا اهي مسلمان آهن جن سيده تي ظلم ڪيا ؟ ڇا اهي مسلمان آهن جيڪي سيده جي دروازي تي باهه کڻي وڃن ۽ دروازي کي باهه ڏين؟ هاڻي ٻڌايو ڇا الله ۽رسول جي ذات انهن سان راضي هوندي جن سيده تي ظلم ڪيا ته هاڻي فيصلو توهان ڪيو سچي سائڻ تي ايترا ظلم ڇو ان جو ضرور جواب ڏيو ائين نه ٿئي جو قيامت جي ڏينهن توهان کان سوال ڪيو وڃي ته توهان جواب نه ڏئي سگھو ته توهان جو به شمار انهن منجهان ٿي جن سيده تي ظلم ڪيا اي منهنجا عزيز نفرت ۽تعصب جي اک سان نه بلڪه حقيقت ۽دل سان توهان پاڻ فيصلو ڪيو ڇاجي ڪري سيده تي ايترا ظلم ڪيا ويا
نگارش : وحيد علي ساجدي (مشهدي)
حوالا۽ ايڊريس (1) 1ـ کتاب المصنف ابن ابی شیبه ج 7 ص 432 حدیث 37045 2 ـ سیوطی مسند فاطمه ص 36 3 ـ ابن عبدالبر کتاب الاستیعاب ۾ نقل ڪري ٿوج3 ص 975 4ـ تاريخ طبري ج 1 ص 118 5ـ الامامه و السيامه، ابن قتيبه، ج 1 ص 20-19 6ـ ازالة الخلفا، دهلوي هندي، ج2 ص 362 7ـ عقدالفريد، ابن عبدربة المالك، ج 2 فصل سقيفه تاريخ ابن اثير، ج 2 ص 335.8 9 ـ شرح نهج البلاغه ابن ابی الحدید ج 2 ص 56 چاپ بيروت نقل ڪري ٿو جوهري کان عالم قرن 4 و صاحب کتاب (( السقیفه و فدک )) (2) عقدالفريد، ج 28 ص 322 و ج 3 ص 163.1 تاريخ ابن شحنه، ج7 ص 164.2 الامامه و السياسة، ج 1 ص 13.3 شرح نهجالبلاغه ابن ابي الحديد، ج 1 ص 134 و ج 2 ص 19.4 5ـ اثبات الوصيه مسعودي ص 123 6ـ الملل و النحل ج 1 ص 57 چاپ بیروت جنهن عقيده نظام کي بيان ڪيو آهي (3) 1ـ اعلام النساء عمر رضا كحاله چاپ بیروت ۾ قسمت حرف فاء جي ذیل نام فاطمه ۾ الرياض النضره محب طبري ج 1 ص 167 ۽ 341.2 تاريخ الخميس ديار بكري ج 1 ص 178.3 الامامه و السياسه ابن قتيبه ج 1 ص 12.4 5ـ الامه و الخلافه مقاتل ابن عطيه ص 16 (4) الامامه و السياسه، ابن قتيبه ج1 ص 13.1 اعلام النساء، عمررضا كحاله ج 4 ص 115.2 انساب الاشراف بلاذری ج 1 ص 587.3 اثبات الوصیه مسعودی ص 142 شرح نهج البلاغه ابن ابی الحدید معتزلی ج 6 ص 48 السیره النبویه ابن کثیر ج 4 ص 495. 7-السقیفه و الخلافه عبدالفتاح عبدالمقصود ص 15 (5) سیر اعلام النبلاء ج 15 ص 57 -اثبات الوصیه مسعودی ص 142 تحت عنوان حکایه السقیفه. (6) 1 ـ تاریخ خلفا ابن قطیبه ج 1 ص 19 (7) بلاغات النساء ابوالفضل احمد ابن ابی طاهر متولد 204 ص 23 ۽ 24 چاپ بیروت.1 2- شرح نهج البلاغه ابن ابی الحدید ج 4 ص 78.2 المناقب احمد ابن موسی ان سند جي انتهاء عايشه تائين آهي .3 (8) الامامه و السیاسه ابن قتیبه ص 14.1 کفایه الطالب گنجی شافعی باب 99.2 (9) کنز العمال ج 5 ص 631.1 تاریخ الامم و الملوک ابن جریر طبری ج 2 ص 619.2 مروج الذهب مسعودی ج 2 ص 194.3 المعجم الکبیر طبرانی ج 1 ص 62.4 شرح نهج البلاغه ابن ابی الحدید ج 2 ص 47.5 ازاله الخلفاء دهلوی هندی ج 2 ص 29.6 میزان الاعتدال ذهبی ج 2 ص 215.7 لسان المیزان ابن حجر عسقلانی ج 4 ص 219.8 الامامه و السیاسه ابن قتیبه دینوری ج 1 ص 18.9 الاموال حافظ ابوعبید ص 194.10
|