امام حسين عليه السلام تي روئڻ  

لکندڙ علي گوهر ايماني  

مقدمو: 

ڇو ته عزاداريءَ جو مهينو محرم پهچي رهيو آهي، ڪجھ نادان ۽ مغرض قسم جا ماڻهو طرح طرح جا اعتراض ڪرڻ شروع ڪن ٿا مثال طور چون ٿا گريي ۽ روئڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟ وغيره وغيره ..... ڇو هڪ مُردي تي جنهن جي قتل کي هڪ هزار چار سئو سال گذري ويا آهن گريو ڪريو ٿا؟ تاريخ ۾ ڪئي اڻ وڻندڙ واقعا ٿيا آهن ۽ هزارين ماڻهو مظلومانه ۽ ناحق قتل ڪياويا آهن و.... ليڪن گھڻيون روايتون امام حسين عليه السلام تي روئڻ‏‏‏‏‏‏‏‏ جي ثواب ۽ ان جي فضيلت ۽ اهميت جي باري ۾ ۽ ان جي عزاداريءَ جي باري ۾ وارد ٿيون آهن. 

ديني رهبرن جي وصيتن، سفارشن ۽ معصومين عليهم السلام جي جاري سيرت ۽ مراجع تقليد جي سيرت کي اڻ ڏٺو ڪري ڇڏڻ سٺو نٿو لڳي. مسلمان مُلڪن ۾ ويهندڙن تي  ستر سال ڳلي گھٽ ۽ دين کان دوري واري عرصي ۾ (گذريل شوروي) ۾ فقط زنده نالو امام حسين عليه السلام جو هو ۽ آهي فقط اهو ئي مبارڪ نالو آهي جنهن اسلام کي ڪيترن ئي مُلڪن ۾” بيمو ڪيو“ آهي ۽ ڪري ٿو، ڇا انهيءَ کان علاوه آهي؟ جو اسلام جا دشمن با وجود انهيءَ جي جو انهن جي هٿ ۾ اطلاع پهچائڻ جا طاقتور وسيلا جيئن ريڊيو، ٽيلي وزن، ۽ اخبارون وغيره آهن ۽ زهريليون پروپيڪنڊائون ۽ تبليغات دين کي مٽائڻ لاءِ انهن وٽ موجود آهن...... 

اهي سڀئي وسيلا عاشورا جي رات مليا ميٽ ٿي ڪري هوا ۾ اُڏري وڃن ٿا.  جيڪو ڪجھ هن مقالي ۾ مختصر نموني بيان ڪيو وڃي ٿو اهو جواب آهي انهن اعتراضن ۽ شُبهن جو جيڪي چئن حصن ۾ واضح ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن تي تحقيق ڪئي وڃي ٿي. 

1. عزاداريءَ ۾ معصومن عليهم السلام جي سيرت 

2. امام حسين عليه السلام تي گريو ۽ روئڻ 

3. امام حسين عليه السلام تي روئڻ جو ثواب ۽ جزا 

4. عزاداريءَ جوفلسفو. 

عزاداريءَ ۾ معصومين عليهم السلام جي سيرت 

الف) محرم ماه : حضرت امام رضا عليه السلام فرمايو: 

محرم اهڙو مهينو آهي جنهن ۾ جاهليت جي زماني جا ماڻهو _ اسلام کان پهريان _ جنگ ڪرڻ حرام سمجھندا هئا ، پر اسانجو خون _ بني اميه جي ڪارندن جي وسيلي _ حلال شمار ڪيو ويو ۽ اسانجي حرمت جي حريم کي ٽوڙيو ويو ،اسانجي ذريت ۽ مستورات کي اسير بڻايو ويو، اسان جي خيمن کي باھ لڳائي وئي، اسان جو مال لُٽيو ويو ۽ اسان جي حق ۾ رسول صلي الله عليه وآله جي حرمت جو خيال نه ڪيو ويو. 

بني اميه وارن اسان جي ڳوڙهن کي جاري ڪرايو ۽ اسان جي عزيز کي ڪربلا جي ميدان ۾ درپدر ڪيو ويو ۽ اسان لاءِ قيامت تائين مصيبت جي امتحان کي ميراث ۾ ڇڏيو ويو. ” فعلى مثل الحسين فليبك الباكون ، فان البكاءَ عليه يحط الذنوب العظام“  بس حسين جهڙي تي روئڻ وارا روئن، انهن مٿان روئڻ وڏن گناهن کي مٽائي ڇڏي ٿو. 

امام رضا عليه السلام اڳتي فرمايو: جڏهن محرم جو مهينو ايندو هو، منهنجو ڏاڏو امام صادق عليه السلام ڪڏهن کلڻ جي حالت ۾ ڏٺو نه ويندو هو، غمگين هوندو هو ايستائين جو ان جا ڏھ ڏينهن گذري وڃن. جڏهن عاشورا جو ڏينهن ٿيندو هو، اهو ڏينهن سندن جي شدّت، غم،مصيت ۽ روئڻ جو ڏينهن هو۽ فرمائيندا هُئا: اهو اُهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن حضرت حسين عليه السلام کي قتل ڪيو ويو. (1) 

ب) محرم جا ڏينهن ۽ عزاداريءَ جي مجلس امام رضا عليه السلام وٽ 

روايت ۾ آهي ته دِعبِل خُزائي چيو: محرم جي ڏينهن ۾ _ خراسان ۾ _ امام رضا عليه السلام جي خدمت ۾ ويم، ڏٺم ته حضرت ڏاڍو غمگين ويٺو آهي ۽ ان جي حضور ۾ صحابي به ويٺا هئا ، جڏهن مونکي ڏٺو ته فرمايو: ” مرحبا بك يا دعبل ، مرحبا بناصرنا بيده و لسانه“ توتي آفرين، ڀلي ڪري آئين اي دعبل، آفرين هجي اسان جي هٿ ۽ زبان ذريعي مدد ڪندڙ تي. ڇو ته هي ڏينهن، اسان اهلبيت جي غم۽ اندوھ جا ڏينهن آهن. ۽ اسان جي دشمنن جي خوشيءَ جا ڏينهن آهن خصوصاَ اموين لاءِ. اي دعبل جيڪو اسان جي مصائب تي روئي، ۽ ٻين کي روئاري توڻي جو هڪ ماڻهو ئي ڇو نه هجي ان جي جزا خدا تي آهي. اي دعبل! جنهن جون اکيون اسان ۽ اسان جي مصائب لاءِ ڳوڙها ڳاڙهن،جيڪو دشمن جي طرفان اسان کي پهتوآهي، روئي ،خداوند قيامت ۾ ان کي اسان سان ۽ اسان جي صف ۾ محشور ڪري. 

اي دعبل جيڪو منهنجي جدّ حسين عليه السلام لاءِ روئي، خداوند ان جا گناھ معاف ڪري ، پوءِ امام عليه السلام اٿي ڪري پردو ٽنگيو ۽ سندس اهلبيت پردي جي پويان ويٺا تاڪه سيد الشهداءَ لاءِ روئن ان وقت مونکي چيو: اي دعبل حسين لاءِ مرثيو پڙھ، تون جيستائين زنده آهين ، اسان جو مدّاح ۽ مددگار هوندين، جيستائين ٿي سگھئي ته اسان جي مدد ڪرڻ کان نه ڪيٻاءِ . 

دعبل چوي ٿو: امام جي ان گفتگوءَ سان منهنجا ڳوڙها ڳڙهي پيا ۽ ڪجھ مقدار روئي ڪري هي اشعار پڙهيم: 

أفاطم لو خلت الحسين مجدلا   وقد مات عطشانا بشط الفرات 

إذا لطمت الخد فاطم عنده             و اجريت دمع العصن في الوجنات 

أفاطم قومي يا ابنة الخير و اندبي    نجوم سماوات بارض فلات. 

اي فاطمه عليها السلام !، جيڪڏهن گمان ڪرين ها ته تنهنجو حسين (ع) زمين تي ڪري پيو آهي، ۽ پياسي لبن سان نهرِ فرات جي ڪناري تي شهيد ٿي ويو آهي ته پنهنجو منھ پٽين ها ۽ ڳوڙها ڳاڙهين ها. اي فاطمه عليها السلام اي بهترين انسان جي نياڻي اُٿي ۽ آسماني ستارن لاءِ جيڪي وسيع بيابان ۾ ڪري پيا آهن گريو ڪر.... 

ج) امام صادق عليه السلام جي گھر ۾ مجلس عزاء 

نقل ٿيو آهي ته سيد حميري امام صادق جي محضر ۾ آيو ، امام صادق عليه السلام حڪم ڪيو ته سندس اهلبيت پردي جي پويان ويهن ۽ سيد جو مرثيو ٻڌي گريو ڪن پوءِ سيد کي چيو : مرثيو پڙھ ، سيد هي اشعار پڙهيا. 

امرر على جدث الحسين فقل لا عظمه الزكية      يا اعظما لا زلت من وطفاءِ ساكبة روية 

و اذا مررت بقبره فاطل به وقف المطية

  وابك المطهر للمطهر والمطهرة النقية

كبكاءِ معولة اتت يوما لواحدها المنية. 

اي گذرڻ وارا ! امام حسين بن علي جي قبر تان گذر ڪر ۽ ان حضرت جي محبن ۽ عاشقن جو پيغام ان حضرت تائين پهچاءِ ، اي گذرڻ وارا ! حسين جي محبن ۽ چاهڻ وارن جو پيغام سندس پاڪ ۽ مقدس هڏن مبارڪ تائين پهچائي چئو: اي هڏئو توهان هميشه حسين بن علي جي محبن جي اکين جي ڳوڙهن سان ٽمٽار آهيو، ڳوڙها ڳڙهن ٿا ۽ توهان کي سيراب ۽ ٽمٽار ڪن ٿا. جيڪڏهن توهان کي هڪ ڏينهن پاڻيءَ کان روڪيائون، ۽ حسين جي سر کي پياسي لبن سان ڪٺئون ته شيعا هميشه پنهنجا نير توهان مٿان قربان ڪن ٿا.  اي گذرڻ وارا! جيڪڏهن حسين جي مزار کان گذرئين ته فقط پيغام پهچائڻ تي اڪتفاء نه ڪر بلڪه ان جي قبر جي پاسي ۾ ترسُ، پنهنجي سواريءَ کي جھل ڪري اتي حسين جي مصائب کي ياد ڪري نيروهاءِ هڪ عادي ماڻهوءَ وانگر نه بلڪه ان عورت وانگر جنهن کي فقط هڪ ٻار هجي ۽ ان کي وڃائي ويٺي هجي، اهڙي قسم جي عورت ڪهڙي نموني پنهنجي ٻار تي روئي ٿي تون به امام حسين عليه السلام، ان پاڪ ۽ پاڪ والدين جي فرزند لاءِ ان عورت وانگر ڳوڙها ڳاڙھ. امام صادق عليه السلام جا ڳوڙها سندس مبارڪ چهري تي جاري ٿيا ۽ عورتن جي رڙين ۽ روئڻ جو آواز پردي جي پويان بلند ٿيو. امام سيد کي چيو: پڙهڻ بس ڪر(2) 

گريي ۽ عزاداريءَ جي باري ۾ ڪجھ روايتون معصومن عليهم السلام کان امام حسين عليه السلام تي گريي ۽ عزاداريءَ جي باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون آهن هن مقالي ۾ ڪجھ جڳهن جي طرف مختصراشارو ڪيو وڃي ٿو. 

الف) قيامت جي ڏينهن هر اک روئيندي پر؛ 

ب) احتضار جي حالت ۾ پيغمبر(ص) جو روئڻ؛ 

ج) اجا حرارت جيڪا هرگز ٿڌي نٿي ٿئي؛ 

د) سيد الشهداء جي اُڃ تي امير المومنين عليه السلام جو روئڻ؛ 

ھ) امام صادق عليه السلام جو روئڻ؛ 

و) امام زمانه (عج) جي عزاداري ۽ امام حسين عليه السلام تي روئڻ؛ 

ز) سيد الشهداء جي شهادت ۽ سندس مٿان روئڻ اهلسنت جي روايتن ۾؛ 

ح) هيءَ هيتري ساري تاڪيد عزاداريءَ ۽ روئڻ تي؛ 

الف) قيامت جي ڏينهن هر اک روئيندي پر... 

روايت ۾ آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله فرمايو: ” كل عين باكية يوم القيامة الا عين بكت على مصاب الحسين فانها ضاحكة مستبشرة بنعيم الجنة“ ؛(3) 

قيامت جي ڏينهن هر اک روئندي سواءِ ان اک جي جيڪا امام حسين عليه السلام جي مصائب  تي رُني هجي؛ اهڙي اک جو مالڪ قيامت جي ڏينهن کلندو ۽ بهشتي نعمتن م خوش هوندو. 

ب) احتضار جي حالت ۾ پيغمبر(ص) جو روئڻ 

ابن عباس کان نقل ٿيو آهي: جڏهن پيغمبر جي بيماري وڌي وئي ته حسين عليه السلام کي پنهنجي سيني مبارڪ سان لاتو ۽ آنحضرت جو پسينو، رحلت جي وقت انهن مٿان وهي رهيو هو ۽ فرمائن پيا: يزيد کي مون سان ڪهڙو ڪم آهي؟ خدا ان کي مبارڪ قرار نه ڏي ، اي خدا يزيد تي لعنت ڪر، ان وقت پاڻ سڳورن مٿان بيهوشي تاري ٿي وئي ۽ انهيءَ حالت ۾ ليٽي پيا، جڏهن ٻيهر هوش ۾ آيا ته حسين عليه السلام کي پنهنجي سيني سان لاتو جڏهن ته پاڻ سڳورن جي ٻنهي اکين مان نيرن جا موتي جاري هئا ۽ فرمائي رهيا هئا: جيتوڻيڪ مان ۽ تنهنجو قاتل خدا وند عزوجل وٽ هڪٻئي سان پهچندا سين (4). 

ج) اها حرارت جيڪا هر گز ٿڌي نٿي ٿئي 

امام صادق عليه السلام فرمايو: هڪڙي ڏينهن امام حسين عليه السلام رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي محضر ۾ شرفياب ٿيا ، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله انهن جي طرف ڏٺو ۽ انهن کي پنهنجي مبارڪ گوڏن تي ويهاري فرمايو: ” ان لقتل الحسين حرارة في قلوب المؤمنين لا تبرد ابدا“؛ بيشڪ امام حسين عليه السلام جي قتل ٿي وڃڻ جي ڪري مومنن جي دلين ۾ هڪ حرارت آهي جيڪا هر گز ٿڌي نٿي ٿئي. پوءِ فرمايو : هر ڳوڙهي جي ڪُٺل تي منهنجو والد قربان وڃي. امام عليه السلام کي عرض ڪيو ويو: هر ڳوڙهي جي ڪُٺل جو مطلب ڇا آهي؟  امام عليه السلام فرمايو: ڪوئي به مومن انهن کي ياد ڪري ته روئي پوي (5) 

د) سيد الشهداء جي اُڃ تي امير المومنين عليه السلام جوروئڻ 

عبد الله ابن قيس چوي ٿو: جڏهن جنگ صفين ۾ معاويي جي طرفدارن فُرات تي قبضو ڪيو ته ابو ايوب اعور دُشمن جي لشڪر جو ڪمانڊر هو، ۽ معاويي جي سپاهين کي عليءَ جي سپاهين کان پاڻيءَ تائين پهچڻ کان دور ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائي رهيو هو ، ڪجھ سپاهي مولا عليءَ وٽ آيا ۽ اُڃ جي شدت جي شڪايت ڪئي امامعليه السلاملشڪر جي ڪجھ سپاهين کي ابو ايوب جي سرڪوبيءَ لاءِ موڪليو، هو ويا پر شڪست کائي واپس ٿيا . مولا عليءَ جي دل ڏکي ان وقت امام حسين عليه السلام عرض ڪيو : جيڪڏهن توهان حڪم ڪريو ته مان وڃي ڪري ابو ايوب جي قبضي مان پاڻي ڇڏائي اچان. 

علي عليه السلام اجازت ڏني، امام حسين عليه السلام ڪجھ سپاهين سان گڏجي ابو ايوب جي طرف ويو ۽ حملو ڪري ان جي مٿان سوڀارو ٿيو ۽ پاڻ کي پاڻيءَ تائين پهچائي واپس ٿيو. 

حضرت علي عليه السلام امام حسين عليه السلام کي ڏسي ڪري روئي پيو، حاضرين چيو: اها پهرين سوڀَ ۽ فتح حسين جي هٿان ٿي آهي روئو ڇوٿا؟  امام عليه السلام فرمايو: ” ذكرت انه سيقتل عطشاناً بطف كربلا حتي ينفر فرسه و يحممم و يقول الظليمة الظليمة لامة قتلت ابن بنت نبيها“؛(6) 

ان وقت کي ياد ڪيم جڏهن حسين ڪربلا ۾ درياءَ جي ڪناري تي پياسن لبن سان قتل ڪيو ويندو ۽ سندس گھوڙو دانھ ڪري چوندو: افسوس ان ظلم تي جيڪو هن امت جي طرفان ٿيو جو پنهنجي پيغمبر صلي الله عليه وآله جي نياڻيءَ جي فرزند کي قتل ڪري ڇڏيو. 

ھ) امام صادق عليه السلام جو روئڻ 

روايت ۾ آهي ته امام صادق عليه السلام وٽ، امام حسين جو نالو کنيو ويو، امام ڏاڍو رُنا، حاضرين به رُنا پوءِ امام سر مٿي ڪري فرمايو: حسين عليه السلام فرمايو آهي ته ” مان ڳوڙهن جو ڪُٺل آهيان، ڪوئي مومن مونکي ياد نٿو ڪري مگر هي ته هو روئي پوي ٿو(7) 

ز) امام زمانه (عج) جي عزاداري ۽ امام حسين عليه السلام تي روئڻ 

علامه مجلسي رحمةالله عليه هڪ مفصل زيارت جي ضمن ۾ جيڪا ظاهراَ امام زمانه جي طرفان صادر ٿي آهي هينئن نقل ڪيو آهي: ” واقيمت لك المآتم في اعلا عليين ولطمت عليك الحور العين، و بكت السماءُ وسكانها والجنان وخزانها و الهضاب و اقطارها، والبحارو حيتانها، والجنان وولدانها، والبيت والمقام والمشعر الحرام والحل والحرام“ (8). تنهنجي لاءِ اعلا عليين _عالم ملڪوت_ ۾ ماتم جون مجلسون ٿيون، جنتي حُورن تنهنجي غم ۽ عزاء ۾پنهنجو منھ مٿو پٽيو ۽ آسمان۽ ان جي رهڻ وارن، بهشت ۽ ان جي محافطن، جبلن۽ ان جي دامن، درياء ۽ انجي مڇين، بهشتي باغن ۽ ان جي نوجوانن ، خانه ڪعبه ۽ مقام ابراهيم ، مشعر الحرام ۽ حرم خانه خدا ۽ ان جا طرف؛ سڀئي تنهنجي ماتم ۾ رُنا. ۽ زيارت ناحيه مقدسه ۾ هن نموني آيو آهي ته: ” فلئن أخرتني الدهور وعاقني عن نصرك المقدور ولم اكن كمن حاربك محرباً ولمن نصب لك العداوة مناصبا فلاندبنك صباحاومساءً ولابكين لك بدل الدموع دماً، حسرةعليك وتاسفا علي ما دهاك و تلهفا حتي اموت بلوعة المصاب وغصةالاكتياب“؛(9) 

جيڪڏهن زماني مونکي پوئتي ڪيو ۽ تقدير مونکي تنهنجي مدد کان روڪيو، ۽ نه هيم جو انهن سان وڙهان جيڪي توسان وڙهيا، ۽ جن توسان دشمني ڪئي ۽ جنگ لاءِ اٿان ، هينئر هر صبح ۽ شام توکي پڪاريان ٿو۽ ڳوڙهن جي بدلي ۾ توتي خون روئان ٿو، ان حسرت تي ۽ انهن غمن ۽ مصيبتن تي جيڪي توتي آيون، ايسيتائين جو انهن جان کي ختم ڪندڙ مصيبتن جي اثر ۾ ۽ جان کي ختم ڪندڙ غم ۽ گھڻي غصي جي ڪري مري وڃان. 

ز) سيد الشهداء جي شهادت ۽ سندس مٿان روئڻ اهلسنت جي روايتن ۾ 

1. ڪتاب نهاية الطلب ۽ غاية السوال ۾ ابن عباس کان روايت آهي ته هن چيو: پيغمبر (ص) جي خدمت ۾ هيم، پاڻ سڳورا امام حسين(ع) کي پنهنجي جي ساڄي گوڏي تي ۽ پنهنجي پٽ ابراهيم کي پنهنجي کاٻي گوڏي تي ويهاريون ويٺا هئا ۽ ڪهڙي مهل حسين(ع) ۽ ڪهڙي مهل ابراهيم کي بوسو ڏئي رهيا هئا ته جبرائيل نازل ٿيو ۽ عرض ڪيو:اي محمد!خدا توتي سلام ڏئي فرمائي ٿو: اهي ٻئي فرزند تنهنجي کاءِ گڏ۽ جمع نه ڪندو هڪڙي کي توکان موٽائي وٺندو هينئر سوڇي وٺ ۽ جيڪو وڻئي منتخب ڪر. پيغمبر (ص) حسين ۽ ابراهيم جي ڇهري جي طرف ڏسي ڪري رُنا ۽ فرمايو: جيڪڏهن حسين فوت ڪري وڃي ته ان جي جدائيءَ ۾ منهنجي ، علي (ع) ۽ فاطمه ٽنهي جي دل ڏکوئبي پر جيڪڏهن ابراهيم وفات ڪري وڃي ته فقط منهنجي دل ڏکوئبي؛ ان ڪري ابراهيم جي جدائيءَ کي قبول ڪيو ۽ ان کي حسين تي قربان ڪيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ ابراهيم مريض ٿيو ۽ وفات ڪري ويو. ان کاپوءِ جڏهن به حسين (ع) رسول اڪرم (ص) وٽ ايندو هوته ان کي بوسو ڏئي پنهنجي سيني لائيندا هئا، ۽ سندس مبارڪ ڏندن جو بوسو وٺندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ” فديت من فديته بابني ابراهيم “ ان مٿان قربان وڃان جنهن مٿان پنهنجي پٽ ابراهيم کي قربان ڪيو“ 

مٿين ڪتاب جي ليکڪ پنهنجي سند سان _ ابن ابي نعيم_ کان روايت ڪئي آهي ته هن چيو: خدا عزوجل محمد (ص) تي وحي ڪئي ته يحيي بن زڪريا جي قتل جي ڪري ستر هزار ماڻهن کي ماريم ۽ تنهنجي نياڻيءَ جي فرزند جي ڪري ان جي ٻيڻ تي ماريندم. (10) . 

2. احمد بن حنبل پنهنجي مسند ۾ روايت ڪئي آهي ته فرمايو: ” ان من دمعت عيناه لقتل الحسين دمعة او قطرت قطرة بواه الله عزوجل الجنة“ (11) 

جنهن جون اکيون حسين (ع) جي قتل جي ڪري روئن ، يا هڪ قطرو ۽ ڳوڙهو ڳاڙهن خداوند انهيءَ کي جنت ۾ جاءِ ڏيندو. 

3. بخاري پنهنجي سند سان _ ابن ابي نعيم _ کان روايت ڪئي آهي ته هن چيو: عمر جي پٽ وٽ هيم جو هڪڙي ماڻهوءَ مک جي خون جي باري ۾ سوال ڪيو عبد الله عمر پڇيو: تون ڪٿان جو آهين؟ هن چيو: عراق جو آهيان، عبدالله عمر حاضرين مجلس جي صرف منھ ڪري چيو، هن شخص کي ڏسو جيڪو مک جي خڳن جي باري ۾ پڇي ٿو جڏهن ته پيغمبر (ص) جي فرزند جو خون وهائي ٿو. باوجود انهيءَ جي ته مان پاڻ رسول اڪرم(ص) کام ٻڌو آهي ته فرمائيندا هئا حسن۽ حسين دنيا منجھان منهنجا ٻه گل آهن. 

بخاريءَ ان حديث کي ٻئي طريقي سان ڪتاب_ بدءُ الخلق ۾ باب مناقب حسن ۽ حسين ۾ آندو آهي. ۽ پنهنجي ٻئي ڪتاب ” ادب المفرد“ ۾نقل ڪيو آهي، ترمذيءَ پڻ ان کي پنهنجي صحيح ۾ ۽ ٻين مسانيد جي مالڪن پنهنجن ڪتابن ۾ نقل ڪيوآهي(12). 

4. ” ام سلمه“ روايت ڪئي آهي ته: هڪڙي ڏينهن پيغمبر پنهنجي گھر ويٺا هئا ته فرمايو: ”ڪوئي مون ڏانهن نه اچي“ مان انتظار ۾ رهيم، بس حسين داخل ٿيو ۽ مان پيغمبر جي روئڻ جو آواز ٻڌم، ۽ ڏٺم ته حسين پيغبر (ص) جي جھولي يا پاسي ۾ ويٺو هو، پيغمبر ان مٿان هٿ ڦيرائي روئن پيا انهن کي چيم خدا جو قسم مان متوجھ نه ٿيم جو هو داخل ٿي ويو. پيغمبر مون کي فرمايو: ” جبرائيل اسان سان گڏ گھر ۾ هيو ۽ چيو: ڇا انهيءَ کي پسند ڪرين ٿو؟ چيم جي ها. 

هن ڇيو: تنهنجي امت ان کي ان سرزمين ۾ جنهن کي ”ڪربلا“ چيو وڃي ٿو قتل ڪندي  پوءِ جبرائيل ان سرزمين جي ٿورڙي مٽي آندي ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله کي ڏيکاري. (13) 

ح) عزاداريءَ ۽ روئڻ تي هيءَ هيتري ساري تاڪيد ڇو؟ 

ڇا انهيءَ جي لاءِ ته امام حسين تي ان وقت روئڻ وارا نه هيا ۽ تشويق ڪئي وئي آهي ته مسلمان اڄ انهن تي روئن؟ اسلا پيغمبر ۽ آئمه معصومين(ع) جي سوچ ۽ فڪر انهيءَ کان مٿاهون آهي. 

ڇا انهيءَ لاءِ آهي ته امام حسين (ع) جي دشمنن کي مرده باد چئي وڃي ۽ هو مري وڃن؟ ائين ناهي اُهي مري ويا ۽ جهنم وڃي واصل ٿيا. 

ڇا ان لاءِ آهي ته سڀئي ماڻهو بغير ڪنهن پڇا ڳاڇا جي امام حسين(ع) تي روئڻ جي ڪري جنت ۾ وڃن ۽ انهن کان ڪنهن به قسم جو حساب ڪتاب نه ٿئي؟ 

يقيناَ ائين ناهي ۽ خدا اجازت نٿو ڏي توڻي جو شفاعت جو در کليل آهي پر 

” ولا يشفعون الا لمن ارتضي“  (14) ۽ ” ومن ذاالذي يشفع إلا باذنه “ (15)  امام صادق (ع) فرمايو: ” إن شفاعتنا لا تنال مستخفاَ بالصلاة “ (16). 

خدا ڪنهن جي شفاعت جي اجازت نعو ڏي مگر هي ته ان کان راضي هجي. ۽ اهلبيت جي شفاعت ان کي نه پنچندي جيڪو نماز کي هلڪو سمجھي ٿو. ان ڪري عزاداري ۽ روئڻ تي تشويق ڪرڻ جي علت اها ناهي، بلڪه روايتن، زيارتن، ۽ دعائن جي مضمونن مان جيڪي وارد ٿيون آهن سمجھ ۾ اچي ٿو ته عزاداري ۽ روئڻ جي تشويق،مسلمانن ۽ امام حسين جي درميان هڪڙي قسم جو رابطو آهي. 

هدف هي آهي ته مسلمان حسين عليه السلام جي مسلڪ ۽ فڪر کي زنده رکن. امام حسين عليه السلام جي وڌيڪ معرفت ۽ محبت پيدا ڪن، سندس اخلاق ۽ اعمال جي پيروي ڪري هڪٻئي کي سيکارين، پنهنجا قدم اُتي کڻن جتي هن کنيا آهن. بني اميه ۽ يزيد جو طور طريقو معاشري ۾ ايجاد نه ٿئي، ظلم ۽ ستم جو تڪرار نه ٿئي. يزيدي فڪر ۽ طور طريقي جي بدلي ۾ پيغمبر اڪرم(ص) ۽ امير المومنين (ع) جو خور طريقو۽ فڪر حاڪم هجي. امام حسين پاڻ پنهنجو مقصد ۽ هدف پنهنجي ڀاءُ محمد حنفيه کي وصيت لکندي بيان ڪن ٿا.  ” اني لم اخرج اشراَ ولا بطراَ ولا مفسداَ ولا ظالماَ وانما خرجت لطلب الاصلاح في امةجدي، اريد ان آمربالمعروف وانهي عن المنكر و اسير بسيره جدي وابي علي بن ابيطالب...؛ (17) 

مان هوا ۽ هوس لاءِ خروج ناهي ڪيو ۽ نه ئي تفريح ۽ عياشيءَ جي ڪري پنهنجي وطن کان نڪتو آهيان ، ظلم ۽ فساد ڪرڻ لاءِ مديني کان ناهيان نڪتو بلڪه منهنجو هدف ناني جي امت جي اصلاح ڪرڻ آهي. منهنجو قيام، جنگ ۽ مقابلو اهڙي قسم جو قيام ۽ جنگ آهي.  امام حسين (ع) اهو خطبو جيڪو ڪربلا جي ويجھو پنهنجي ساٿين لاءِ پڙهيو ان ۾ هن نموني فرمايو: ” الا ترون ان الحق لا يعمل به والباطل _ لا ينهي _ لا يتناهي عنه ليرغب المومن في لقاء ربه حقاَ حقاَ . فاني لا اري الموت الا سعاده والحياه مع الظالمين الا برماَ. (18)   ڇا  نٿا ڄاڻو ته حق تي عمل نٿوڪيو وڃي ۽ باطل کان رڪيو نٿو وڃي ؟ اهڙي حالت ۾ هڪ با ايمان ماڻهوءَ کي گھرجي ته موت ۽ پروردگار سان ملاقات جي اميد ڪري. مان موت کي (اهڙن شرائط ) ۾ سعادت سمجھان ٿو ۽ ظالمن سان زندگي گذارڻ کي عيب سمجھان ٿو. 

امام حسين عليه السلام تي روئڻ جوثواب ۽ اجر 

الف) حسين عليه السلام تي روئڻ جو اجر 

امام سجاد (ع) فرمايو:” ايما مومن دمعت عيناه لقتل الحسين بن علي دمعة ، حتي تسيل علي خده ، بوءه الله بها في الجنة غرفا يسكنها احقابا“(19) 

هر مومن جنهن جون اکيون امام حسين جي قتل ٿي وڃڻ لاءِ ڳوڙها ڳاڙهن اهڙي نموني جو ڳوڙها هن جي ڳٽن تي وهي هلن، خداوند متعال انکي ان روئڻ جي بدلي ۾ منت جا حُجرا هميشه رهڻ لاءِ ڏيندو. 

ب) خداوند قدوس امام حسين عليه السلام کي قتل ٿي وڃڻ جي بدلي ۾ ڇا ڏنو آهي؟ 

محمد بن مسلم کان نقل آهي ته هن چيو: امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق عليهما السلام کان ٻڌم ته فرمايائون: خداوند قدوس امام حسين کي قتل ٿي وڃڻ جي بدلي ۾ ، امامت کي سندس ذريت ۽ نسل ۾ قرار ڏنو۽ ان جي مٽيءَ ۾ شفا ۽ سندس قبي هيٺيان دُعا گھرڻ کي مقبول قرار ڏنو آهي. ۽ جيترا ڏينهن زوار سندس زيارت ڪري موٽي اچي اوترا ڏينهن ان جي عمر جا حساب نه ڪيا ويندا. 

محمد بن مسلم چيو: امام صادق عليه السلام جن کي عرض ڪيم: اها اهو ثواب امام حسين عليه السلام جي ڪري ماڻهن کي پهچي ٿو پوءِ خود امام حسين عليه السلام کي قتل ٿي وڃڻ جي بدلي ۾ ڪهڙو ثواب ۽ جزا ملي ٿي؟ امام عليه السلام فرمايو: خدا ان کي پنهنجي پيغمبرجي درجي ، مقام۽ منزلت سان ملحق ڪري ۽ ان سان گڏ هجي، امام (ع) ان وقت هن آيت جي تلاوت ڪئي” والذين آمنوا و اتبعتهم بايمان الحقنابهم ذريتهم “  (20) (21) . 

جيڪڏهن يعقوب نبي عليه السلام پنهنجي پياري ۽ عزيز پٽ يوسف (ع) جي جدائيءَ ۾ ڪئي سال گريو ڪيو ۽ ڳوڙها ڳاڙهيا، (22) ان جو بنياد هن جي باطني محبت پنهنجي پٽ سان هئي ته پوءِ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله  جي جي خاندان سان محبت ڪندڙ ان محبت جي ڪري جيڪا انهن سان ڪن ٿا؛انهنه جي وفات واري ڏينهن انهن جي مٿان ڳوڙها ڳاڙهن ۽ روئن ته حقيقت ۾ انهن يعقوب نبيءَ جي پيروي ڪئي آهي. اصولي طور تي عزيزن جي جدائيءَ تي  مجلس برپا ڪرڻ، اهڙو ڪم آهي جنهن جو بنياد رسول اڪرم صلي الله عليه وآله  اُحد جي جنگ ۾ پاڻ وڌو. جڏهن احد جي شهداء تي انصار عورتن جي روئڻ کان آگاھ ٿيا،تڏهن پنهنجي چاچي حضرت حمزه جي ياد ۾ پئجي ويا ۽ فرمايو: ” ولكن حمزة لا بواكي له“ (23) ليڪن حمزه تي روئڻ وارو ڪوئي ناهي جڏهن پيغمبر جي صحابين محسوس ڪيو ته  پيغمبر اڪرم پنهنجي چاچي جي مجلس عزا برپا ڪرڻ چاهن ٿا ته انهن پنهنجي عورتن کي حڪم ڪيو ته مجلس برپا ڪري رسول اڪرم جي چاچي جي عزاداري ڪيو، مجلس برپا ٿي رسول اڪرم انهن جي محبت جي قدرداني ڪئي ۽ انهن جي حق ۾ دعا ڪندي فرمايو: 

” رحم الله الانصار“ پوءِ انصار جي بزرگن کي چيو ته پنهنجي عورتن کي حڪم ڪيو ته پهنهجي پنهنجي گھر موٽي وڃن (24). 

ان کان علاوه اهي شهيد جيڪي حق جي راھ ۾ شهيد ٿي ويا آهن انهن لاءِ عزاداريءَ جو هڪ ٻيو فلسفو پڻ آهي اُهو اهو ته انهن جي ياد ملهائڻ انهن جي مڪتب جي حفاظت ڪرڻ جو سبب آهي. اهڙو مڪتب جنهن جو بنياد دين جي راھ ۾ قرباني ڪرڻ آهي. ذلت ۽ خواري  ۾ مبتلا ٿيڻ ناهي، انهن جي روش ۽ منطق اها آهي ته سُرخ موت ،عزت وارو موت، ذلت جي زندگيءَ کان بهتر آهي. ۽ هر حسيني عاشورا ۾، اها روش ۽ منطق زنده ٿئي ٿي. ۽ قومن امام حسين عليه السلام جي تحريڪ مان سبق پرايو آ، پرائن پيون ۽ پرائينديون رهنديون. 

حوالا 

(1) امالي، شيخ صدوق قُدس سرُّه مجلس 27 ۽ بحار الانوار،ج44، ص 284و279. 

(2) منتهي الآمال، ج1، باب پنجون، فصل يارهون. 

(3) بحار الانوار، ج 44، ص 293. 

(4) نفس المهموم، ح 37، انهن حديثن منجھان جيڪي امام حسين تي روئڻ جي ثواب جي باري ۾ آهن. 

(5)  مستدرڪ الوسائل، ج10،ص318،ب49،ح13.

(6) عوالم العلوم، ج17، ص149، ح10؛ بحار الانوار، ج44، ص

(7) بحار الانوار، ج44،ص188.

(8) بحار الانوار، ج101، 323

(10) خطيب، تاريخ بغداد، ج2، ص204.

(11) ذخائر العقبي جي نقل جي بنا تي، احمد بن حنبل، ص19.

(12) صحيح ترمذي، ج2، ص306؛ مسند احمد بن حنبل، ج2، ص85،93، 224، ۽ 153؛ مسند ابو داود طيالسي،ج8، ص160.

(13) ڪنز العمال، ج12، ص126؛ طبراني المعجم الڪبير، ج3، ص116.

(14) سورت انبياء،آيت128.

(15) سورت بقره، آيت 255.

(16) وسائل الشيعه، ابواب الفرائض، باب5، ح6.

(17) بحار الانوار،ج44، ص329.

(18) بحار الانوار،ج44، ص381.

(19) بحار الانوار، ج44، ص281؛ وسائل الشيعه، ابواب المزار، باب 66، ح3.

(20) سورت طور ، آيت 52.

(21) بحار الانوار، ج44، ص221.

(22) سورت يوسف، آيت 184.

(23) سيرت ابن هشام، 1/99.

(24) ساڳيو مدرڪ، ۽ مقريزي ، امتاع الاسماع،11/164.

+ نوشته شده در  2012/1/1ساعت 21:39  توسط ALIWAHEED SAJDI halepoto  |