امام علي رضا علیه السلام جن جا مختصر گڻ ۽ ڀلارا اخلاق

اها هڪ کليل حقيقت اهي ته ته امامعلیه السلام جن جا گڻ ايترا ته آهن جو بيان نٿا ڪري سگهجن ، يا انهن جو ڪوئي ڳاڻيٽو ڪري سگهي ۽ اها هڪ ڏينهن جيان روشن ڳالهه آهي سندن ڀلائن ۽ نيڪن جو ڪاٿو لڳائڻ آسمان جي تارن جي تارن کي ڳڻڻ جي مثل آهي ! ان منجهه شڪ نه آهي

حضرت جي علم جي گهڻائيءَ جو بيان شيخ طبرسي، ابوالصلت هروي کان روايت ڪئي آهي ، هو چوي ٿوته آئون علي ابن موسي الرضا علیه السلامکان وڌيڪ عالم نه ڏٺو ، ۽ جنهن به عالم کين ڏٺو ان به مون جيئان شاهدي ڏني آهي ۽ اهو طئي آهي ته مامون ڪيترن ئي ڪچهرين منجهه عالمن ، ۽ دين جي فقيهن ۽ مناظرن کي گڏ ڪيو ته جيئن اهي حضرتعلیه السلام جن سان مناظرو ۽ ڳالهه ٻولهه ڪن ، پر حضرت عه جن انهن سڀني  تي سوڀارا ٿيا ۽ سڀني سندن فضيلت ۽پنهنجي گهٽتائيءَ جو اقرار ڪيو . مون حضرت عه جن کان ٻڌو پاڻ فرمائن پيا ته ائون مديني شريف منجهه روضي مبارڪ ۾ ويهندو هيس ، اتي مديني جا ڪيترا عالم هوندا هئا جڏهن به ڪنهن مسئلي ۾ مُجهندا هيا ، ته مون ڏانهن پنهنجا اهي مشڪل مسئلا ڏياري موڪليندا هئا ۽ آئون ان جو جواب ڏيندو هيم

+ نوشته شده در  2012/1/2ساعت 14:39  توسط ALIWAHEED SAJDI halepoto  |