|
800x600
بند نه ٿيڻ وارن ڳوڙهن جو سلسلو قرآن مجيد جون آيتون ۽ نبي اڪرم3 جو حديثون ، اهلبيتE جي فضيلت ۽ احترام کي بيان ڪري رهيون آهن اهڙي طرح اهلبيت جي بغض ، دشمني ۽ بي احترامي جي مذمت به ڪري رهيون آهن . ليڪن گمراهي ظلم ، ستم ۽ بي احترامي دشمنان اهلبيت E جو طريقو ۽ عمل رهيو آهي دشمنان اهلبيت جي ظلمن ۽ ڪاري ڪارنامن جيڪري تاريخ روئڻ هارڪي ۽مئورخ (تاريخ لکڻ واري )جي پيشاني شرمساري جا اثر ظاهر آهن . چاهي اهو رسولخدا3 جي وفات کان پوءِ سقيفه ۾ رٿيل سازش هئي يا صاحب وحي جي گهر تي
ڪاٺيون ۽ باهه، يا پوءِ مدينه منوره جا دردناڪ منظر ، يا ڪربلاء جو خون ڀريل منظر
۽ ڪوفي ۽ شام ۾ آل رسول3 جي بي احترامي
جو ماحول هجي . مختصر اهو سلسلو
فقط انهن مقامن تائين محدود نه رهيو بلڪي بغداد ڪاظمين ، سامرا ۽ ساوا شهر تائين
اچي پهتو . جنهن جا اثر اڄ به ٻين مختلف ملڪن ۾ ڏسي سگهجن ٿا . جنهن جيڪري انسانيت
اڄ به خون ۽ رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي . جنهن تي آدم ذات جو جگر ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو
آهي جڏهن حجت خداD انسانذت جي نظرن کان پري پرده غيبت ۾ وڃي زندگي گذارڻ لڳي ته
دشمنن پاڻ D جن جي اثرن ۽
ثقافت کي مٽائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني جڏهن ته زمانه غيبت کان پهريان به اهو ئي
سلسلو جاري انهن مان جنة البقيع (اڳيان) پهريان آهي . بقيع اهو قبرستان آهي جنهن کي رسولخدا 3 جي حڪم سان مسلمانن تعمير ڪيو. انصار جي ٽولي مان سڀ کان پهريون .اسعد بن زراره، ۽ مهاجرن مان عثمان بن مظعون دفن ٿيا. راوي جو بيان آهي ته جڏهن فرزند رسول3 حضرت ابراهيم D هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا ته حضور پاڪ3 جن فرمايو : ابرهيمD کي منهنجي سلف صالح عثمان بن مظعون سان ملحق ڪريو ۽ ان کي ان جي ڀرسان دفن ڪريو. ابراهيمD جي دفن ٿيڻ کانپوءِ مديني جو هر ماڻهو اهو چاهيندو هيو ته اسان جا
جنازه به بقيع ۾ دفن ٿين انهيءَ جيڪري اهي بقيع ۾ لڳڻ وڻن کي ڪٽي ڪري زمين کي
هموار ۽ هڪجهڙو ڪرڻ بقيع جي فضيلت ۾ سرڪار رسالت مآب 3 جن جون حديثون تاريخ جي صفحن تي اڄ به لکيل آهن جن مان چند ذڪر ڪريون ٿا . رسول الله 3 فرمايو : بقيع مان ستر هزار ماڻهون ججن جو چهرو چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪي رهيو هوندو قيامت جي ڏينهن محشور ٿيندا ۽ بغير حساب ڪتاب جي جنت ۾ داخل ڪيا ويندا . ٻي جاءِ تي فرمايو؛ جڏهن پاڻ سڳورا3 بقيع جي قبرستان ۾ هيا قبرستان کي مخاطب ٿي ڪري فرمايائون : توهان تي درود ۽ سلام هجي خداوند عالم اسان ۽ توهان کي معاف ڪري توهان اسان کان پهريان هليا ويئو پر اسان به توهان سان ملڻ وارا آهيون. اهڙي طرح حضور3 جن جي غلام جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورن3 مون کي اڏ رات جو بيدرا ڪيو ۽ فرمايائون : مون کي حڪم ٿيو آهي ته بقيع ۾ دفن ٿيل ماڻهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪريان غلام چوي ٿو مان رسولخدا3 سان گڏ ويس پاڻ سڳورن3 بقيع ۾ گهڻي دير تائين بيهي ڪري مغفرت جي دعا ڪيائون . مديني جي سڀني قبيلن وارن پنهنجي دفن ٿيڻ خاطر بقيع ۾ گهر ٺاهيا هيا . جن مان هڪ گهر امام عليD جي ڀاءُ حضرت عقيل ابن ابي طالب D ٺهرايو. سڀ کان پهريان ان گهر ۾ حضرت علي ابن ابي طالبD جي والده محترمه حضرت فاطمه بنت اسد E دفن ٿيون . ان کان بعد رسولخدا3 جن جو چاچو حضرت عباس ان جي ڀرسان دفن ٿيا. اهڙي طرح پاڻ سڳورن 3جو خاندان ۽ قبيلو، اصحاب ، تابعين به بقيع ۾ دفن ٿيا. حضرت امام حسنD حضرت امام حسينD کي وصيت ڪئي هئي ته جيڪڏهن بني اميه وارا مونکي ناني رسولخدا3 جي پهلو ۾ دفن ٿيڻ نه ڏين ته مونکي بقيع ۾ پنهنجي ماءُ حضرت فاطمه زهراء I جي ڀرسان دفن ڪجاءِ . البته شيخ مفيد ۽ طبرسي نقل ڪيو آهي ته امام D فرمايو: ته مونکي حضرت فاطمهI بنت اسد جي ڀرسان دفن ڪجاءِ. امامD جي وصيت تي عمل ٿيو ۽ امامD کي بقيع ۾ دفن ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ امام حسن D جي ڀرسان حضرت امام زين العابدينD ، امام محمد باقرD ۽ امام جعفر
صادق D کي به دفن ڪيو ويو. بقيع جي انهدام (ڊاهڻ) کان پهريان اهي ڇهه قبرون هڪ گنبذ جي هيٺيان هيون . ۽ ضريح به موجود هئي ۽ روضو مبارڪ حرم يا مشهد جي نالي سان سڃاتو ويندو هيوروضو مبارڪ ڪجهه مرحلا طئي ڪرڻ کانپوءِ ٺاهيو ويو هيو. قبيله بني اميه وارا جيڪي شيعان علي جا ذاتي دشمن هيا انهن جي زماني شيعا ڪفي سخت حلات ۾ رهيا . ايتري قدر جو ڪنهن ۾ به ايتري همت ۽ جرءت نه هئي جو جو پنهنجي عقيدي جو اظهار ڪري جڏهن بني عباس حڪومت سنڀالي ته شيعن کي موقعو مليو . ڇو جو عباسي خليفو (سفاح) مولاءِ ڪائنات عليD جي حقنيت جو اعتراف ڪندو هيو . اهاه ٻي ڳالهه آهي ته ان به اهلبيت کي حق نه ڏنوپر ان اولاد امام حسن D کي فدک ڏيڻ جو چيوپوءِ ان آزادي واري زماني ۾ امام حسنD جي اولاد پنهنجي ڏاڏي جي روضي کي تعمير ڪرائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ حضرت عقيل وارو گهر حرم ۾ تبديل ٿي ويو.۽ ان جو هڪ سبب هيو ته ائمه بقيع جي قبرن کان ٻن يا ٽن ميٽرن جي فاصلي تي عباس بن عبدالمطلب جي قبر هئي . ان ڪري بني عباس به پنهنجي ڏاڏي جو روضو ٺهرئڻ چاهن پيا . اهو تعميراتي ڪم پنجين صديءَ تائين شيعن ۽ بني عباس جي نزديڪ رهيو ان کانپوءِ حرم ۾ وسعت ۽ گنبذ ۽ ضريح جر تعمير 486هه ق کان 498 ه ق جي درميان سلجوقي بادشاه جي وزير (مجد الملڪ ابو الفضل اسعد بن محمد موسى البرا القمي ، ) جي حڪم سان انجام ڏنو ويو. ابن اثير جو بيان آهي ته 495ه ق جي واقعن مان هڪ واقعو مدينه جو امير ”منظور بن عمره حسيني“ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو . ان قم کان هڪ رازو مجد الملڪ کان گهررايو ته جيئن امام حسن D ۽ عباس بن عبد المطلب جو گنبذ ٺهرائي . ان معمار ان کي قتل ڪري ڇڏيو . اهڙي طرح مرحوم عبدالجليل قزويني پنجهنجي ڪتاب ”النقض“ ۾ لکيو اهي ته امم حسن جو گنبذ جيئن ته اتي خلفاءِ بني عباس جي ڏاڏي عباس بن عبدا المطلب دفن هيو مجد الملڪ تعمير ڪرايو هيو. ان کان 25 سال بعد ٻئي عباسي خليفي جي حڪم سان اهو روزو ٻيهر تعمير ٿيو . ان کان بعد623 ه ق ۽ 640 ه ق جي درميان منتصر بالله عباسي تعمير ڪرايو . ان کانپوءِ تيرهن صدي هجري جي
شروع ۾ سلطان محمود عثماني حرم مبارڪ کي تعمير ڪرايو . فرهاد ميرزا 1292 هق ۾ جڏهن حج انجام ڏنو ۽ زيارت بقيع کان مشرف ٿيو ته بيان ڪيو ته بقيع ۾ روضي مبارڪ جي تعمير 1232ه ق ۾ سلطان محمود خان زريعي ٿي. حرم مبارڪ جي خصوصيات جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته حرم مبارڪ ماڻهن جي توجهه کي پاڻ ڏانهن جزب ڪندي هئي حرم مبارڪ ۾ اٺ سمت آهن ، ڪنبذ مبارڪ جو اندريون حصو سفيد رنگ ساسن رنگيل هو ، حرم مبارڪ ۾ ٻه دروازا هيا . جن مان هڪ هميشا زائرن لاءِ کليل هيو اهڙي طرح محراب به هيو ۽ خادم ، ڪفاش، ۽ زيارت پڙهائڻ وارا به موجود هئا . اهڙي طرح ضريح مبارڪ جي ضريح
ڪاٺ جي ضريح جدا هئي . ڪاٺ آخري ضريح جيڪا لوه مان اصفهان
مان ٺهرائي وئي ۽ ان تي سون جي پاڻي سان اسماءِ حسنى تمام سهڻائي لکائي سان لکيا
ويا . وڏي مشڪل سان ان ضريح کي اصفهان مان جده آندو ويو جيئن ته منع ۽ سختي وڌي
وئي هئي ٽن سالن تائيب ضريح جده ۾ رهي مخالفن کي وڏي رقم ڏيڻ کانپوءِ گمراهه فرقي جو باني محمد بن عبد
الوهاب جيڪو عقيدي ۽ فڪر ۾ ابن تيميه جو پيروڪار هيو .۽ پنهنجي عقيدي جي مخالف کي
ڪافر ڄاڻيندو هيو. ان مختلف هنڌن تي حملي ڪرڻ لاءِ ماڻهن کان مدد طلب ڪئي . ان وقت
”درعيه“ اهڙي نموني اها دهشتگردي طائف ۽
حجاز جي علائقي ۾ ظاهر ٿي۽ ان دهشتگردي کان حرم خدا مڪو به محفوظ نه رهيو۽ مڪي ۾
تمام روضن کي تباهه ڪيو ويو ۽ ان کان بعد
دهشتگردي جو قافلو مديني ۾ داخل ٿيو ان
دردناڪواقعي کانپوءِ هڪ شخص مديني ۾ ويوته ان اهو چيو بقيع کي ڏسي ڪري اهواهو
محسوس ٿئي ٿو ته جڏهن ان دردناڪ واقعي جي خبر دنيا ۾ پکڙجي وئي ته مسلمانن ۾ هڪ بي چيني ۽ غمي جي هڪ لهر اچي وئي ايران، عراق، هندوستان ۽ ٻين ملڪن جي عالمن ۽ سياستدانن اعتراض ۽ مذمت وارا خط سعودي حڪومت ڏانهن ،موڪليا۽ عمومي سوگ جو اعلان ڪيائون. هر گهر ماتمداري ۾ مشغول هيو. احتجاجي جلسا ۽ جلوس ڪڍيا ويا. افسوس جو ان جو ڪو به فائدو نه ٿيو. ۽ فقط اهو نه هو بلڪي ڊاهڻ کانپوءِ حرمين سريفين جي تاريخ اهڙي نموني سان لکي وئي جو ڄڻ ته بقيع ۾ ڪو به روضو نه هيو . 1412 هه ق ۾ مديني جي موضوع تي احمد ياسين نالي هڪ شخص اتاريخ المعالم المدينة المنوره قديما و حديثا تقريبا 400 صفحن مشتمل ڪتان لکي پر بقيع جيڪو مديني جو حساس مسئلو هيو ان لاءِ صرف ست ستن قبرستان جي حوالي سان لکيون. بقيع ۾ دفن ٿيل افراد ازواج نبي3 1حضرت ام سلمه 2 زينب بنت جحش 3 ماريه قبطه 4 زينب بنت خزيمه 5 عايشه 6 حفصه 7 ام حبيبه 8 جويره بنت حارث 9 صفيه 9 سوده بنت زمعه بن قيس10 ريحانه بنت زيد رسولخدا3 جون ڦڦيون 1 صفيه بني عبد المطلب 2 عانکه بنت عبدالمطلب ٻيون با فضيلت عورتون 1 ابو الفضل جي والده حضرت ام البنين 2 رسولخدا3 جي رضاعي ماءُ ٻيا افراد 1حضرت عقيل بن عبد المطلب 2 حضرت عبد الله بن جعفر حضرت
زينب جو شوهر 3 محمد بن علي معروف حنفيه 4 ابو سفيان بن حارث رسولخداﷺ جي چاچي جو
پٽ5 عثمان بن مظعون6 سعد بن زراره 7 خنيس
8 سعد بن معاذ 9 مقداد بن اسود 10 عبدالله بن مسعود 11 ابو سعيد خدري 12 ارقم بن
ابي ارقم 13 حڪيم بن حذام14 جابر بن عبدالله انصاري 15 زيد ابن ثابت 16 سهل ابن
سعد 17 امام مالڪ بن انس 18 نافع المدني 19 نافع (شيخ القراء) 20 اسامه بن زيد 21
زيس بن سهل 22 واقعي حرا جا شهيد جيڪي يزيد ملعون جي حڪم سان ۽ مسلم بن عقبه جي
مدد سان شهيد ٿيا اهي به بقيع ۾ دفن آهن ان کان علاوه جنت البقيع ۾ بيت الاحزان
آهي جنهن کي حضرت امام علي رسولخد3جي وفات
کانپوءِ حضرت فاطمه زهراء Iجي روئڻ
لاءِ ٺاهيو هيواهو به ڊاهيو ويو
|